Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #70 Translated in Sindhi

فَعَمِيَتْ عَلَيْهِمُ الْأَنْبَاءُ يَوْمَئِذٍ فَهُمْ لَا يَتَسَاءَلُونَ
پوءِ اُن ڏينھن (سڀ) ڳالھيون کين ڀُلجي وينديون، پوءِ اُھي پاڻ ۾ (بہ) نہ پڇندا
فَأَمَّا مَنْ تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ صَالِحًا فَعَسَىٰ أَنْ يَكُونَ مِنَ الْمُفْلِحِينَ
پوءِ جنھن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، سو اُميد آھي تہ ڇٽلن مان ٿيندو
وَرَبُّكَ يَخْلُقُ مَا يَشَاءُ وَيَخْتَارُ ۗ مَا كَانَ لَهُمُ الْخِيَرَةُ ۚ سُبْحَانَ اللَّهِ وَتَعَالَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
۽ (اي پيغمبر!) تنھنجو پالڻھار جيڪي گھرندو آھي، سو خلقيندو آھي ۽ (جنھن کي گھرندو تنھن کي) چونڊيندو آھي، انھن کي ڪو اختيار ڪونھي، الله کي پاڪائي آھي ۽ جنھن کي ساڻس شريڪ مقرر ڪندا آھن، تنھن کان تمام مٿاھون آھي
وَرَبُّكَ يَعْلَمُ مَا تُكِنُّ صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ
۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي
وَهُوَ اللَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ لَهُ الْحَمْدُ فِي الْأُولَىٰ وَالْآخِرَةِ ۖ وَلَهُ الْحُكْمُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ اُھو الله آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، دُنيا ۽ آخرت ۾ سندس ساراھ آھي، ۽ سندس ئي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھان کي موٽائبو

Choose other languages: