Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #73 Translated in Sindhi

وَرَبُّكَ يَعْلَمُ مَا تُكِنُّ صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ
۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن، سو تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي
وَهُوَ اللَّهُ لَا إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ ۖ لَهُ الْحَمْدُ فِي الْأُولَىٰ وَالْآخِرَةِ ۖ وَلَهُ الْحُكْمُ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ
۽ اُھو الله آھي اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نہ آھي، دُنيا ۽ آخرت ۾ سندس ساراھ آھي، ۽ سندس ئي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھان کي موٽائبو
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ جَعَلَ اللَّهُ عَلَيْكُمُ اللَّيْلَ سَرْمَدًا إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ مَنْ إِلَٰهٌ غَيْرُ اللَّهِ يَأْتِيكُمْ بِضِيَاءٍ ۖ أَفَلَا تَسْمَعُونَ
(کين) چئو تہ ڏسو تہ سھي، جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن تائين ھميشہ رات (قائم) ڪري ڇڏي تہ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ سوجھرو آڻيندو؟ پوءِ نہ ٻڌندا آھيو ڇا؟
قُلْ أَرَأَيْتُمْ إِنْ جَعَلَ اللَّهُ عَلَيْكُمُ النَّهَارَ سَرْمَدًا إِلَىٰ يَوْمِ الْقِيَامَةِ مَنْ إِلَٰهٌ غَيْرُ اللَّهِ يَأْتِيكُمْ بِلَيْلٍ تَسْكُنُونَ فِيهِ ۖ أَفَلَا تُبْصِرُونَ
(کين) چئو تہ، ڏسو تہ سھي، جيڪڏھن الله اوھان تي قيامت جي ڏينھن توڻي ھميشہ ڏينھن (قائم) ڪري ڇڏي تہ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪھڙو معبود آھي جو اوھان وٽ رات آڻيندو، جنھن ۾ اوھين آرام وٺو؟ پوءِ اوھين نہ ٿا ڏسو ڇا؟
وَمِنْ رَحْمَتِهِ جَعَلَ لَكُمُ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ لِتَسْكُنُوا فِيهِ وَلِتَبْتَغُوا مِنْ فَضْلِهِ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
۽ پنھنجيءَ ٻاجھ سان اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن بڻايائين تہ (اوھين) منجھس آرام وٺو ۽ سندس فضل مان (روزي) طلب ڪريو تہ منَ اوھين شڪرانو ڪريو

Choose other languages: