Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #35 Translated in Sindhi

وَأَنْ أَلْقِ عَصَاكَ ۖ فَلَمَّا رَآهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَانٌّ وَلَّىٰ مُدْبِرًا وَلَمْ يُعَقِّبْ ۚ يَا مُوسَىٰ أَقْبِلْ وَلَا تَخَفْ ۖ إِنَّكَ مِنَ الْآمِنِينَ
۽ تون پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي، (تنھن مھل) پٺيرو ٿي ڦريو ۽ پوئتي نہ موٽيو (چيوسون تہ) اي موسىٰ! اوري اچ ۽ نہ ڊڄ، جو بيشڪ تون اَمن وارن مان آھين
اسْلُكْ يَدَكَ فِي جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاءَ مِنْ غَيْرِ سُوءٍ وَاضْمُمْ إِلَيْكَ جَنَاحَكَ مِنَ الرَّهْبِ ۖ فَذَانِكَ بُرْهَانَانِ مِنْ رَبِّكَ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا فَاسِقِينَ
پنھنجو ھٿ گريبان ۾ وجھ تہ بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ خوف کان (تسلّي ٿيڻ لاءِ) پنھنجون ٻانھون پاڻ ڏانھن ملاءِ، پوءِ اُھي ٻئي حُجّتون فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان آھن، بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھئا
قَالَ رَبِّ إِنِّي قَتَلْتُ مِنْهُمْ نَفْسًا فَأَخَافُ أَنْ يَقْتُلُونِ
چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منجھانئن ھڪ شخص کي مون ماريو آھي، تنھنڪري آءٌ پنھنجي مارجڻ کان ڊڄان ٿو
وَأَخِي هَارُونُ هُوَ أَفْصَحُ مِنِّي لِسَانًا فَأَرْسِلْهُ مَعِيَ رِدْءًا يُصَدِّقُنِي ۖ إِنِّي أَخَافُ أَنْ يُكَذِّبُونِ
۽ منھنجو ڀاءُ ھارون مون کان (زبان جي ڪري) وڌيڪ چٽو ڳالھائيندڙ آھي، تنھنڪري اُن کي مون سان مدد ڏيندڙ ڪري موڪل تہ منھنجي تصديق ڪري، ڇو تہ آءٌ پنھنجي ڪوڙي ٿيڻ کان ڊڄان ٿو
قَالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخِيكَ وَنَجْعَلُ لَكُمَا سُلْطَانًا فَلَا يَصِلُونَ إِلَيْكُمَا ۚ بِآيَاتِنَا أَنْتُمَا وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الْغَالِبُونَ
(الله) چيو تہ، سگھو تنھنجا بازو تنھنجي ڀاءُ سان مظبوط ڪنداسون ۽ اوھان کي غلبو ڏينداسون، پوءِ (اُھي) اوھان ڏانھن (ايذاءَ لاءِ) پھچي نہ سگھندا، اسانجي معجزن سببان، اوھين ٻئي ۽ جيڪي اوھان جي پُٺيان لڳا، سي غالب رھندا

Choose other languages: