Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qasas Ayahs #36 Translated in Sindhi

اسْلُكْ يَدَكَ فِي جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَاءَ مِنْ غَيْرِ سُوءٍ وَاضْمُمْ إِلَيْكَ جَنَاحَكَ مِنَ الرَّهْبِ ۖ فَذَانِكَ بُرْهَانَانِ مِنْ رَبِّكَ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَئِهِ ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا فَاسِقِينَ
پنھنجو ھٿ گريبان ۾ وجھ تہ بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري، ۽ خوف کان (تسلّي ٿيڻ لاءِ) پنھنجون ٻانھون پاڻ ڏانھن ملاءِ، پوءِ اُھي ٻئي حُجّتون فرعون ۽ سندس لشڪر ڏانھن تنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان آھن، بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھئا
قَالَ رَبِّ إِنِّي قَتَلْتُ مِنْهُمْ نَفْسًا فَأَخَافُ أَنْ يَقْتُلُونِ
چيائين تہ، اي منھنجا پالڻھار! بيشڪ منجھانئن ھڪ شخص کي مون ماريو آھي، تنھنڪري آءٌ پنھنجي مارجڻ کان ڊڄان ٿو
وَأَخِي هَارُونُ هُوَ أَفْصَحُ مِنِّي لِسَانًا فَأَرْسِلْهُ مَعِيَ رِدْءًا يُصَدِّقُنِي ۖ إِنِّي أَخَافُ أَنْ يُكَذِّبُونِ
۽ منھنجو ڀاءُ ھارون مون کان (زبان جي ڪري) وڌيڪ چٽو ڳالھائيندڙ آھي، تنھنڪري اُن کي مون سان مدد ڏيندڙ ڪري موڪل تہ منھنجي تصديق ڪري، ڇو تہ آءٌ پنھنجي ڪوڙي ٿيڻ کان ڊڄان ٿو
قَالَ سَنَشُدُّ عَضُدَكَ بِأَخِيكَ وَنَجْعَلُ لَكُمَا سُلْطَانًا فَلَا يَصِلُونَ إِلَيْكُمَا ۚ بِآيَاتِنَا أَنْتُمَا وَمَنِ اتَّبَعَكُمَا الْغَالِبُونَ
(الله) چيو تہ، سگھو تنھنجا بازو تنھنجي ڀاءُ سان مظبوط ڪنداسون ۽ اوھان کي غلبو ڏينداسون، پوءِ (اُھي) اوھان ڏانھن (ايذاءَ لاءِ) پھچي نہ سگھندا، اسانجي معجزن سببان، اوھين ٻئي ۽ جيڪي اوھان جي پُٺيان لڳا، سي غالب رھندا
فَلَمَّا جَاءَهُمْ مُوسَىٰ بِآيَاتِنَا بَيِّنَاتٍ قَالُوا مَا هَٰذَا إِلَّا سِحْرٌ مُفْتَرًى وَمَا سَمِعْنَا بِهَٰذَا فِي آبَائِنَا الْأَوَّلِينَ
پوءِ جنھن مھل موسىٰ اسان جي پڌرن معجزن سان وٽن آيو, (تنھن مھل) چيائون تہ ھي رڳو ھٿرادو جادو آھي ۽ اِھا ڳالھ پنھنجن پھرين پيءُ ڏاڏن ۾ نہ ٻُڌي سون

Choose other languages: