Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Qalam Ayahs #19 Translated in Sindhi

إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ آيَاتُنَا قَالَ أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ
جڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي تہ اڳين جون آکاڻيون آھن
سَنَسِمُهُ عَلَى الْخُرْطُومِ
سگھوئي کيس سونڍ (نڪ) تي ڏنڀ ڏينداسين
إِنَّا بَلَوْنَاهُمْ كَمَا بَلَوْنَا أَصْحَابَ الْجَنَّةِ إِذْ أَقْسَمُوا لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِينَ
بيشڪ اسان ھنن کي (اھڙيءَ طرح) آزمايو، جھڙيءَ طرح باغ وارن کي آزمايو ھيوسون، جڏھن قسم کنيائون تہ سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين)
وَلَا يَسْتَثْنُونَ
۽ اِنشاءَ الله نہ چيائون
فَطَافَ عَلَيْهَا طَائِفٌ مِنْ رَبِّكَ وَهُمْ نَائِمُونَ
پوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ واري پوک) تي ھڪ اھڙي بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھئا

Choose other languages: