Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Mumtahana Ayahs #13 Translated in Sindhi

وَإِنْ فَاتَكُمْ شَيْءٌ مِنْ أَزْوَاجِكُمْ إِلَى الْكُفَّارِ فَعَاقَبْتُمْ فَآتُوا الَّذِينَ ذَهَبَتْ أَزْوَاجُهُمْ مِثْلَ مَا أَنْفَقُوا ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ الَّذِي أَنْتُمْ بِهِ مُؤْمِنُونَ
۽ جيڪڏھن اوھان جي زالن مان ڪا (اوھان جي ھٿن مان) ڪافرن ڏانھن (مُرتد ٿي) وئي ھجي (۽) پوءِ (ڪافرن کي) ايذايوَ (۽ لٽيوَ) تہ جن جون زالون ويون ھجن، تن کي (اُن مال مان) اوترو ڏيو، جيترو اُنھن (ڪابين ۾) خرچ ڪيو ھو، ۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو، جنھن تي اوھين ويساھ رکندڙ آھيو
يَا أَيُّهَا النَّبِيُّ إِذَا جَاءَكَ الْمُؤْمِنَاتُ يُبَايِعْنَكَ عَلَىٰ أَنْ لَا يُشْرِكْنَ بِاللَّهِ شَيْئًا وَلَا يَسْرِقْنَ وَلَا يَزْنِينَ وَلَا يَقْتُلْنَ أَوْلَادَهُنَّ وَلَا يَأْتِينَ بِبُهْتَانٍ يَفْتَرِينَهُ بَيْنَ أَيْدِيهِنَّ وَأَرْجُلِهِنَّ وَلَا يَعْصِينَكَ فِي مَعْرُوفٍ ۙ فَبَايِعْهُنَّ وَاسْتَغْفِرْ لَهُنَّ اللَّهَ ۖ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
اي پيغمبر! جڏھن تو وٽ مؤمنياڻيون اچن ھن (شرط) تي، تو سان بيعت ڪن تہ ڪنھن کي الله سان شريڪ (مقرر) نہ ڪنديون ۽ نڪي چوري ڪنديون ۽ نڪي زنا ڪنديون ۽ نڪي پنھنجي اولاد کي ڪُھنديون ۽ نڪي اھڙي ڪوڙي تھمت آڻينديون، جنھن کي پنھنجن ھٿن ۽ پنھنجن پيرن سان ٺاھيو ھجين ۽ نڪي ڪنھن چڱي ڪم ۾ تنھنجي نافرماني ڪنديون تہ (تڏھن) سندن بيعت قبول ڪر ۽ انھن لاءِ الله کان بخشش گھر، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا تَتَوَلَّوْا قَوْمًا غَضِبَ اللَّهُ عَلَيْهِمْ قَدْ يَئِسُوا مِنَ الْآخِرَةِ كَمَا يَئِسَ الْكُفَّارُ مِنْ أَصْحَابِ الْقُبُورِ
اي ايمان وارؤ! اوھين اُنھيءَ قوم سان دوستي نہ رکو، جنھن تي الله ڏمريو آھي، بيشڪ اُھي آخرت (جي ثواب) کان (اھڙو) نااُميد ٿيا آھن، جھڙوڪ ڪافر قبرن وارن کان نااُميد ٿيا آھن

Choose other languages: