Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #23 Translated in Sindhi

يَا أَهْلَ الْكِتَابِ قَدْ جَاءَكُمْ رَسُولُنَا يُبَيِّنُ لَكُمْ عَلَىٰ فَتْرَةٍ مِنَ الرُّسُلِ أَنْ تَقُولُوا مَا جَاءَنَا مِنْ بَشِيرٍ وَلَا نَذِيرٍ ۖ فَقَدْ جَاءَكُمْ بَشِيرٌ وَنَذِيرٌ ۗ وَاللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ
اي ڪتاب وارؤ! بيشڪ اوھان وٽ اسان جو پيغمبر اھڙي وقت ۾ آيو جو (ڪجھ وقت تائين) پيغمبرن جو اچڻ بند ٿي چڪو ھو اوھان تي بيان ڪري ٿو، متان چئو تہ نڪو خوشخبري ڏيندڙ ۽ نڪو ڊيڄاريندڙ اسان وٽ آيو (ھائو!) انھيءَ ڪري بيشڪ اوھان وٽ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آيو آھي، ۽ الله سڀ ڪنھن شئي تي وسوارو آھي
وَإِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ يَا قَوْمِ اذْكُرُوا نِعْمَةَ اللَّهِ عَلَيْكُمْ إِذْ جَعَلَ فِيكُمْ أَنْبِيَاءَ وَجَعَلَكُمْ مُلُوكًا وَآتَاكُمْ مَا لَمْ يُؤْتِ أَحَدًا مِنَ الْعَالَمِينَ
۽ (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم کي چيو تہ اي منھنجي قوم! پاڻ تي الله جي نعمت ياد ڪريو جو اوھان ۾ پيغمبر مقرر ڪيائين ۽ اوھان کي بادشاھ ڪيائين، ۽ اوھان کي اُھي (نعمتون) ڏنائين جي جھانن وارن مان ڪنھن کي (بہ) نہ ڏنائين
يَا قَوْمِ ادْخُلُوا الْأَرْضَ الْمُقَدَّسَةَ الَّتِي كَتَبَ اللَّهُ لَكُمْ وَلَا تَرْتَدُّوا عَلَىٰ أَدْبَارِكُمْ فَتَنْقَلِبُوا خَاسِرِينَ
اي منھنجي قوم! پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نہ ڦرو نہ تہ ڦري خساري وارا ٿيندؤ
قَالُوا يَا مُوسَىٰ إِنَّ فِيهَا قَوْمًا جَبَّارِينَ وَإِنَّا لَنْ نَدْخُلَهَا حَتَّىٰ يَخْرُجُوا مِنْهَا فَإِنْ يَخْرُجُوا مِنْهَا فَإِنَّا دَاخِلُونَ
چيائون تہ اي موسىٰ بيشڪ اُتي ڏاڍي زور واري قوم آھي، ۽ اسين منجھس ايسين ڪڏھن نہ گھڙنداسون جيسين اُھي منجھانس (نہ) نڪرن، پوءِ جيڪڏھن اُھي اُتان نڪرن تہ اسين گھِڙڻ وارا آھيون
قَالَ رَجُلَانِ مِنَ الَّذِينَ يَخَافُونَ أَنْعَمَ اللَّهُ عَلَيْهِمَا ادْخُلُوا عَلَيْهِمُ الْبَابَ فَإِذَا دَخَلْتُمُوهُ فَإِنَّكُمْ غَالِبُونَ ۚ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلُوا إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
جيڪي الله کان ڊڄندا ھئا تن مان ٻہ ڄڻان جن تي الله نعمتون نازل ڪيون ھيون چوڻ لڳا تہ در کان مٿن (حملو ڪري) گھڙو پوءِ جڏھن در کان لنگھيوَ تڏھن اوھين پڪ غالب آھيو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ ۽ الله تي ڀروسو ڪريو

Choose other languages: