Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #25 Translated in Sindhi

يَا قَوْمِ ادْخُلُوا الْأَرْضَ الْمُقَدَّسَةَ الَّتِي كَتَبَ اللَّهُ لَكُمْ وَلَا تَرْتَدُّوا عَلَىٰ أَدْبَارِكُمْ فَتَنْقَلِبُوا خَاسِرِينَ
اي منھنجي قوم! پاڪ زمين ۾ گھڙو جا الله اوھان لاءِ ٺھرائي آھي ۽ پوئتي نہ ڦرو نہ تہ ڦري خساري وارا ٿيندؤ
قَالُوا يَا مُوسَىٰ إِنَّ فِيهَا قَوْمًا جَبَّارِينَ وَإِنَّا لَنْ نَدْخُلَهَا حَتَّىٰ يَخْرُجُوا مِنْهَا فَإِنْ يَخْرُجُوا مِنْهَا فَإِنَّا دَاخِلُونَ
چيائون تہ اي موسىٰ بيشڪ اُتي ڏاڍي زور واري قوم آھي، ۽ اسين منجھس ايسين ڪڏھن نہ گھڙنداسون جيسين اُھي منجھانس (نہ) نڪرن، پوءِ جيڪڏھن اُھي اُتان نڪرن تہ اسين گھِڙڻ وارا آھيون
قَالَ رَجُلَانِ مِنَ الَّذِينَ يَخَافُونَ أَنْعَمَ اللَّهُ عَلَيْهِمَا ادْخُلُوا عَلَيْهِمُ الْبَابَ فَإِذَا دَخَلْتُمُوهُ فَإِنَّكُمْ غَالِبُونَ ۚ وَعَلَى اللَّهِ فَتَوَكَّلُوا إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
جيڪي الله کان ڊڄندا ھئا تن مان ٻہ ڄڻان جن تي الله نعمتون نازل ڪيون ھيون چوڻ لڳا تہ در کان مٿن (حملو ڪري) گھڙو پوءِ جڏھن در کان لنگھيوَ تڏھن اوھين پڪ غالب آھيو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ ۽ الله تي ڀروسو ڪريو
قَالُوا يَا مُوسَىٰ إِنَّا لَنْ نَدْخُلَهَا أَبَدًا مَا دَامُوا فِيهَا ۖ فَاذْهَبْ أَنْتَ وَرَبُّكَ فَقَاتِلَا إِنَّا هَاهُنَا قَاعِدُونَ
چيائون تہ اي موسىٰ! بيشڪ اسين اصلي ڪڏھن منجھس نہ گھڙنداسون جيسين اُھي منجھس رھندا تنھنڪري تون ۽ تنھنجو رب وڃو پوءِ وڙھو بيشڪ اسين ھتي (ئي) ويٺا آھيون
قَالَ رَبِّ إِنِّي لَا أَمْلِكُ إِلَّا نَفْسِي وَأَخِي ۖ فَافْرُقْ بَيْنَنَا وَبَيْنَ الْقَوْمِ الْفَاسِقِينَ
موسىٰ چيو تہ اي منھنجا پالڻھار! آءٌ پنھنجي سِرَ ۽ پنھنجي ڀاءُ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن تي (بہ) اختيار نہ ٿو رکان تنھنڪري اسان جي ۽ بي فرمان قوم جي وچ ۾ جدائي ڪر!

Choose other languages: