Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Maeda Ayahs #116 Translated in Sindhi

إِذْ قَالَ الْحَوَارِيُّونَ يَا عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ هَلْ يَسْتَطِيعُ رَبُّكَ أَنْ يُنَزِّلَ عَلَيْنَا مَائِدَةً مِنَ السَّمَاءِ ۖ قَالَ اتَّقُوا اللَّهَ إِنْ كُنْتُمْ مُؤْمِنِينَ
(ياد ڪريو!) جڏھن حوارين چيو تہ اي عيسىٰ پُٽ مريم جا تنھنجو پالڻھار اسان تي آسمان کان ڪو (طعام جو) خونچو لاھي سگھندو ڇا؟ عيسىٰ چيو تہ جيڪڏھن مؤمن آھيو تہ الله کان ڊڄو
قَالُوا نُرِيدُ أَنْ نَأْكُلَ مِنْهَا وَتَطْمَئِنَّ قُلُوبُنَا وَنَعْلَمَ أَنْ قَدْ صَدَقْتَنَا وَنَكُونَ عَلَيْهَا مِنَ الشَّاهِدِينَ
چيائون (اسين ھيءُ) گھرون ٿا تہ منجھانئس کائون ۽ اسان جون دليون آرام وٺن ۽ ڄاڻون تہ اسان کي سچ چيو اٿيئي ۽ مٿس شاھد ھجون
قَالَ عِيسَى ابْنُ مَرْيَمَ اللَّهُمَّ رَبَّنَا أَنْزِلْ عَلَيْنَا مَائِدَةً مِنَ السَّمَاءِ تَكُونُ لَنَا عِيدًا لِأَوَّلِنَا وَآخِرِنَا وَآيَةً مِنْكَ ۖ وَارْزُقْنَا وَأَنْتَ خَيْرُ الرَّازِقِينَ
(تڏھن) عيسىٰ پٽ مريم جي چيو تہ اي اسان جا پالڻھار الله! اسان تي ھڪ دسترخوان آسمان کان لاھ تہ اسان جي اڳين ۽ اسانجي پوين (سڀني) لاءِ عيد ٿئي ۽ تنھنجي نشاني ٿئي، ۽ اسان کي روزي ڏي ۽ تون چڱو روزي ڏيندڙ آھين
قَالَ اللَّهُ إِنِّي مُنَزِّلُهَا عَلَيْكُمْ ۖ فَمَنْ يَكْفُرْ بَعْدُ مِنْكُمْ فَإِنِّي أُعَذِّبُهُ عَذَابًا لَا أُعَذِّبُهُ أَحَدًا مِنَ الْعَالَمِينَ
الله چيو تہ آءٌ اوھان تي (دسترخوان) لاھيندس، پوءِ اوھان مان جيڪو ھن کان پوءِ بي فرماني ڪندو تنھن کي آءٌ اھڙو سخت عذاب ڪندس جو جھانن (جي رھندڙن) مان ڪنھن ھڪ کي ان جھڙو عذاب نہ ڪندس
وَإِذْ قَالَ اللَّهُ يَا عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ أَأَنْتَ قُلْتَ لِلنَّاسِ اتَّخِذُونِي وَأُمِّيَ إِلَٰهَيْنِ مِنْ دُونِ اللَّهِ ۖ قَالَ سُبْحَانَكَ مَا يَكُونُ لِي أَنْ أَقُولَ مَا لَيْسَ لِي بِحَقٍّ ۚ إِنْ كُنْتُ قُلْتُهُ فَقَدْ عَلِمْتَهُ ۚ تَعْلَمُ مَا فِي نَفْسِي وَلَا أَعْلَمُ مَا فِي نَفْسِكَ ۚ إِنَّكَ أَنْتَ عَلَّامُ الْغُيُوبِ
۽ (اُھو وقت ياد ڪر!) جڏھن الله چوندو تہ اي عيسىٰ پٽ مريم جا! تو ماڻھن کي چيو ھو ڇا؟ تہ الله کانسواءِ مونکي ۽ منھنجي ماءُ کي بہ خدا ڪري مڃيو، (عيسىٰ) چوندو تہ تون پاڪ آھين جنھن (چوڻ) جو مون کي ڪو حق نہ آھي سو چوڻ مون کي ڪيئن جڳائيندو ھو؟ جيڪڏھن مون اُھو چيو ھوندو تہ بيشڪ اُھو تو کي معلوم ھوندو، جيڪي منھنجي دل ۾ آھي سو (تون) ڄاڻندو آھين ۽ جيڪي تنھنجي دل ۾ آھي سو (آءٌ) نہ ڄاڻندو آھيان، ڇو تہ تون ئي ڳجھن جو ڏاڍو ڄاڻندڙ آھين

Choose other languages: