Surah Al-Maeda Ayahs #111 Translated in Sindhi
فَإِنْ عُثِرَ عَلَىٰ أَنَّهُمَا اسْتَحَقَّا إِثْمًا فَآخَرَانِ يَقُومَانِ مَقَامَهُمَا مِنَ الَّذِينَ اسْتَحَقَّ عَلَيْهِمُ الْأَوْلَيَانِ فَيُقْسِمَانِ بِاللَّهِ لَشَهَادَتُنَا أَحَقُّ مِنْ شَهَادَتِهِمَا وَمَا اعْتَدَيْنَا إِنَّا إِذًا لَمِنَ الظَّالِمِينَ
پوءِ جيڪڏھن معلوم ٿئي تہ اُھي ٻئي گناھ جوڳا ٿيا تہ جن جي مال تي ٻئي حق رکيو آھي تن جي ويجھي مائٽي وارن مان ٻيا ٻہ ڄڻا اُنھن جي بجاءِ اُٿن پوءِ الله جو قسم کڻي چون تہ اُنھن ٻنھي جي شاھديءَ کان اسان جي شاھدي وڌيڪ سچي آھي ۽ حد کان نہ لنگھنداسون، نہ تہ اُتي جو اُتي ضرور ظالمن مان ٿينداسون
ذَٰلِكَ أَدْنَىٰ أَنْ يَأْتُوا بِالشَّهَادَةِ عَلَىٰ وَجْهِهَا أَوْ يَخَافُوا أَنْ تُرَدَّ أَيْمَانٌ بَعْدَ أَيْمَانِهِمْ ۗ وَاتَّقُوا اللَّهَ وَاسْمَعُوا ۗ وَاللَّهُ لَا يَهْدِي الْقَوْمَ الْفَاسِقِينَ
اھو (حُڪم ھن ڳالھ کي) ويجھو آھي تہ اُھي (وصي ماڻھو) سچي ڳالھ جي شاھدي ڏيڻ يا پنھنجن قسمن کڻڻ کانپوءِ قسم جي رد ٿيڻ کان ڊڄن، ۽ الله کان ڊڄو ۽ ھي (حُڪم دل سان) ٻڌو، ۽ الله بي دين قوم کي سڌو رستو نہ ڏيکاريندو آھي
يَوْمَ يَجْمَعُ اللَّهُ الرُّسُلَ فَيَقُولُ مَاذَا أُجِبْتُمْ ۖ قَالُوا لَا عِلْمَ لَنَا ۖ إِنَّكَ أَنْتَ عَلَّامُ الْغُيُوبِ
(ياد ڪر!) جنھن ڏينھن الله سڀني پيغمبرن کي گڏ ڪندو (تنھن ڏينھن) چوندو تہ اوھان کي ڇا جواب ڏنو ويو؟ چوندا تہ اسان کي (ماڻھن جي دلين جي) خبر نہ آھي، ڇو تہ تون ئي ڳجھن جو وڏو ڄاڻندڙ آھين
إِذْ قَالَ اللَّهُ يَا عِيسَى ابْنَ مَرْيَمَ اذْكُرْ نِعْمَتِي عَلَيْكَ وَعَلَىٰ وَالِدَتِكَ إِذْ أَيَّدْتُكَ بِرُوحِ الْقُدُسِ تُكَلِّمُ النَّاسَ فِي الْمَهْدِ وَكَهْلًا ۖ وَإِذْ عَلَّمْتُكَ الْكِتَابَ وَالْحِكْمَةَ وَالتَّوْرَاةَ وَالْإِنْجِيلَ ۖ وَإِذْ تَخْلُقُ مِنَ الطِّينِ كَهَيْئَةِ الطَّيْرِ بِإِذْنِي فَتَنْفُخُ فِيهَا فَتَكُونُ طَيْرًا بِإِذْنِي ۖ وَتُبْرِئُ الْأَكْمَهَ وَالْأَبْرَصَ بِإِذْنِي ۖ وَإِذْ تُخْرِجُ الْمَوْتَىٰ بِإِذْنِي ۖ وَإِذْ كَفَفْتُ بَنِي إِسْرَائِيلَ عَنْكَ إِذْ جِئْتَهُمْ بِالْبَيِّنَاتِ فَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْهُمْ إِنْ هَٰذَا إِلَّا سِحْرٌ مُبِينٌ
جڏھن (اُن ڏينھن) الله عيسىٰ پٽ مريم جي کي چوندو تہ پاڻ تي ۽ پنھنجي ماءُ تي مُنھنجيون نعمتون ياد ڪر، جڏھن تو کي پاڪ رُوح سان مدد ڏنم، (جو) ماڻھن سان پينگھي ۾ (خاص طرح) ۽ وڏي وھيءَ ۾ ڳالھايُئي ٿي، ۽ جڏھن تو کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ توريت ۽ انجيل سيکاريم، ۽ جڏھن منھنجي حڪم سان مٽيءَ مان پکيءَ جي شڪل جھڙو بڻايئي پوءِ منجھس ڦوڪيئي تہ مُنھنجي حڪم سان پکي ٿيو ۽ مُنھنجي حُڪم سان ماءُ ڄاول انڌي ۽ ڪوڙھي کي ڇٽايئي ٿي، ۽ جڏھن مئل کي منھنجي حُڪم سان (جيئرو ڪري) ڪڍيئي ٿي، ۽ جڏھن بني اسرائيلن (جي شر) کي تو کان جھليم جڏھن وٽن معجزن سان آئين تڏھن منجھانئن ڪافرن چيو تہ ھيءُ رڳو پڌرو جادو آھي
وَإِذْ أَوْحَيْتُ إِلَى الْحَوَارِيِّينَ أَنْ آمِنُوا بِي وَبِرَسُولِي قَالُوا آمَنَّا وَاشْهَدْ بِأَنَّنَا مُسْلِمُونَ
۽ جڏھن حوارين ڏانھن الھام ڪيم تہ مون تي ۽ مُنھنجي پيغمبر تي ايمان آڻيو، چيائون تہ ايمان آندوسون ۽ (اي عيسىٰ!) شاھد ھج تہ اسين مسلمان آھيون
Choose other languages:

Albanian

Amharic

Azerbaijani

Bengali

Bosnian

Bulgarian

Burmese

Chinese

Danish

Dutch

English

Farsi

Filipino

French

Fulah

German

Gujarati

Hausa

Hindi

Indonesian

Italian

Japanese

Jawa

Kazakh

Khmer

Korean

Kurdish

Kyrgyz

Malay

Malayalam

Norwegian

Pashto

Persian

Polish

Portuguese

Punjabi

Russian

Sindhi

Sinhalese

Somali

Spanish

Swahili

Swedish

Tajik

Tamil

Tatar

Telugu

Thai

Turkish

Urdu

Uyghur

Uzbek

Vietnamese

Yoruba
