Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #54 Translated in Sindhi

وَإِذْ قُلْنَا لِلْمَلَائِكَةِ اسْجُدُوا لِآدَمَ فَسَجَدُوا إِلَّا إِبْلِيسَ كَانَ مِنَ الْجِنِّ فَفَسَقَ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِ ۗ أَفَتَتَّخِذُونَهُ وَذُرِّيَّتَهُ أَوْلِيَاءَ مِنْ دُونِي وَهُمْ لَكُمْ عَدُوٌّ ۚ بِئْسَ لِلظَّالِمِينَ بَدَلًا
۽ جڏھن ملائڪن کي چيوسون تہ آدم کي سجدو ڪريو تڏھن ابليس کانسواءِ ٻـين سجدو ڪيو، اُھو جنن مان ھو پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم جي نافرماني ڪيائين، پوءِ اوھين کيس ۽ سندس اولاد کي مون کانسواءِ ڇو دوست وٺندا آھيو؟ حالانڪ اُھي اوھان جا ويري آھن، (شيطان) ظالمن لاءِ بڇڙو بدلو آھي
مَا أَشْهَدْتُهُمْ خَلْقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَا خَلْقَ أَنْفُسِهِمْ وَمَا كُنْتُ مُتَّخِذَ الْمُضِلِّينَ عَضُدًا
نڪي آسمانن ۽ زمين جي بڻائڻ مھل اُنھن (شيطانن ۽ سندس اولاد) کي حاضر ڪيو ھوم ۽ نڪي کين پيدا ڪرڻ مھل ۽ نڪي آءٌ گمراھن کي ٻانھن ٻيلي وٺندڙ آھيان
وَيَوْمَ يَقُولُ نَادُوا شُرَكَائِيَ الَّذِينَ زَعَمْتُمْ فَدَعَوْهُمْ فَلَمْ يَسْتَجِيبُوا لَهُمْ وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمْ مَوْبِقًا
۽ جنھن ڏينھن الله چوندو تہ (اي مشرڪؤ!) اوھين اُنھن کي سڏيو جن کي منھنجا شريڪ ڄاڻندا ھيؤ پوءِ اُنھن کي سڏيندا پوءِ اُھي کين ورندي نہ ڏيندا ۽ سندن وچ ۾ ھلاڪت جو ھنڌ ڪنداسون
وَرَأَى الْمُجْرِمُونَ النَّارَ فَظَنُّوا أَنَّهُمْ مُوَاقِعُوهَا وَلَمْ يَجِدُوا عَنْهَا مَصْرِفًا
۽ ڏوھاري باھ کي ڏسندا پوءِ (پڪ) ڀائيندا تہ اُھي اُن ۾ (اجھو) ڪِرندا ۽ کانئس موٽڻ جي واھ نہ لھندا
وَلَقَدْ صَرَّفْنَا فِي هَٰذَا الْقُرْآنِ لِلنَّاسِ مِنْ كُلِّ مَثَلٍ ۚ وَكَانَ الْإِنْسَانُ أَكْثَرَ شَيْءٍ جَدَلًا
۽ بيشڪ ھن قرآن ۾ ھر طرح جا مثال ماڻھن لاءِ بيان ڪياسون ۽ انسان ھر شئي کان وڌيڪ جھڳڙالو آھي

Choose other languages: