Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #36 Translated in Sindhi

وَاضْرِبْ لَهُمْ مَثَلًا رَجُلَيْنِ جَعَلْنَا لِأَحَدِهِمَا جَنَّتَيْنِ مِنْ أَعْنَابٍ وَحَفَفْنَاهُمَا بِنَخْلٍ وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمَا زَرْعًا
۽ (اي پيغمبر!) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر، اُنھن مان ھڪڙي لاءِ انگورن جا ٻہ باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ اُنھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ اُنھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون
كِلْتَا الْجَنَّتَيْنِ آتَتْ أُكُلَهَا وَلَمْ تَظْلِمْ مِنْهُ شَيْئًا ۚ وَفَجَّرْنَا خِلَالَهُمَا نَهَرًا
ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نہ ڪيائون ۽ اُنھن جي وچ ۾ واھ وھايوسون
وَكَانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقَالَ لِصَاحِبِهِ وَهُوَ يُحَاوِرُهُ أَنَا أَكْثَرُ مِنْكَ مَالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا
۽ اُن کي (گھڻو) ڦر مليو، پوءِ پنھنجي سنگتيءَ سان ڳالھائيندي کيس چيائين تہ آءٌ توکان مال ۾ وڌيڪ آھيان ۽ افرادن جي اعتبار کان (بہ) وڌيڪ طاقتور آھيان
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظَالِمٌ لِنَفْسِهِ قَالَ مَا أَظُنُّ أَنْ تَبِيدَ هَٰذِهِ أَبَدًا
۽ پنھنجي باغ ۾ گھڙيو ۽ اُھو پاڻ لاءِ ظالم ھو، چيائين تہ مون کي ھن (باغ) جي ناس ٿيڻ جو بلڪل ڪو گمان نہ آھي
وَمَا أَظُنُّ السَّاعَةَ قَائِمَةً وَلَئِنْ رُدِدْتُ إِلَىٰ رَبِّي لَأَجِدَنَّ خَيْرًا مِنْهَا مُنْقَلَبًا
۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن (کڻي) موٽيس (بہ) تہ ھن کان (بہ) ڀلي جاءِ ضرور لھندس

Choose other languages: