Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #38 Translated in Sindhi

وَكَانَ لَهُ ثَمَرٌ فَقَالَ لِصَاحِبِهِ وَهُوَ يُحَاوِرُهُ أَنَا أَكْثَرُ مِنْكَ مَالًا وَأَعَزُّ نَفَرًا
۽ اُن کي (گھڻو) ڦر مليو، پوءِ پنھنجي سنگتيءَ سان ڳالھائيندي کيس چيائين تہ آءٌ توکان مال ۾ وڌيڪ آھيان ۽ افرادن جي اعتبار کان (بہ) وڌيڪ طاقتور آھيان
وَدَخَلَ جَنَّتَهُ وَهُوَ ظَالِمٌ لِنَفْسِهِ قَالَ مَا أَظُنُّ أَنْ تَبِيدَ هَٰذِهِ أَبَدًا
۽ پنھنجي باغ ۾ گھڙيو ۽ اُھو پاڻ لاءِ ظالم ھو، چيائين تہ مون کي ھن (باغ) جي ناس ٿيڻ جو بلڪل ڪو گمان نہ آھي
وَمَا أَظُنُّ السَّاعَةَ قَائِمَةً وَلَئِنْ رُدِدْتُ إِلَىٰ رَبِّي لَأَجِدَنَّ خَيْرًا مِنْهَا مُنْقَلَبًا
۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن (کڻي) موٽيس (بہ) تہ ھن کان (بہ) ڀلي جاءِ ضرور لھندس
قَالَ لَهُ صَاحِبُهُ وَهُوَ يُحَاوِرُهُ أَكَفَرْتَ بِالَّذِي خَلَقَكَ مِنْ تُرَابٍ ثُمَّ مِنْ نُطْفَةٍ ثُمَّ سَوَّاكَ رَجُلًا
سندس سنگتيءَ ساڻس گفتگو ڪندي کيس چيو تہ جنھن تو کي مٽيءَ مان بڻايو وري نطفي سان وري سنئين لڱين مڙس ڪيائين تنھن جو تو ڇو انڪار ڪيو؟
لَٰكِنَّا هُوَ اللَّهُ رَبِّي وَلَا أُشْرِكُ بِرَبِّي أَحَدًا
(آءٌ ھيءُ ويساھ رکندو آھيان تہ) منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ آءٌ پنھنجي پالڻھار سان ڪوبہ شريڪ نہ ڪندس

Choose other languages: