Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #40 Translated in Sindhi

وَمَا أَظُنُّ السَّاعَةَ قَائِمَةً وَلَئِنْ رُدِدْتُ إِلَىٰ رَبِّي لَأَجِدَنَّ خَيْرًا مِنْهَا مُنْقَلَبًا
۽ نڪي قيامت جي قائم ٿيڻ جو مون کي ڪو گمان آھي ۽ جيڪڏھن پنھنجي پالھڻار ڏانھن (کڻي) موٽيس (بہ) تہ ھن کان (بہ) ڀلي جاءِ ضرور لھندس
قَالَ لَهُ صَاحِبُهُ وَهُوَ يُحَاوِرُهُ أَكَفَرْتَ بِالَّذِي خَلَقَكَ مِنْ تُرَابٍ ثُمَّ مِنْ نُطْفَةٍ ثُمَّ سَوَّاكَ رَجُلًا
سندس سنگتيءَ ساڻس گفتگو ڪندي کيس چيو تہ جنھن تو کي مٽيءَ مان بڻايو وري نطفي سان وري سنئين لڱين مڙس ڪيائين تنھن جو تو ڇو انڪار ڪيو؟
لَٰكِنَّا هُوَ اللَّهُ رَبِّي وَلَا أُشْرِكُ بِرَبِّي أَحَدًا
(آءٌ ھيءُ ويساھ رکندو آھيان تہ) منھنجو پالڻھار الله آھي ۽ آءٌ پنھنجي پالڻھار سان ڪوبہ شريڪ نہ ڪندس
وَلَوْلَا إِذْ دَخَلْتَ جَنَّتَكَ قُلْتَ مَا شَاءَ اللَّهُ لَا قُوَّةَ إِلَّا بِاللَّهِ ۚ إِنْ تَرَنِ أَنَا أَقَلَّ مِنْكَ مَالًا وَوَلَدًا
۽ جڏھن تون پنھنجي باغ ۾ گھڙين تڏھن ڇو نہ چيئي تہ جيڪي ماشاءَ الله (جيڪي الله گھريو سو ٿيڻو آھي) الله (جي مدد) کانسواءِ ڪا طاقت نہ آھي، جيڪڏھن تون پاڻ کان مون کي مال ۽ اولاد ۾ گھٽ ڏسين ٿو
فَعَسَىٰ رَبِّي أَنْ يُؤْتِيَنِ خَيْرًا مِنْ جَنَّتِكَ وَيُرْسِلَ عَلَيْهَا حُسْبَانًا مِنَ السَّمَاءِ فَتُصْبِحَ صَعِيدًا زَلَقًا
تہ اُميد آھي جو منھنجو پالڻھار تنھنجي باغ کان ڀلو مونکي ڏي ۽ اُن (تنھنجي باغ) تي آسمان کان ڪا آفت موڪلي پوءِ ڦري صاف ميدان ٿي پَوي

Choose other languages: