Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Kahf Ayahs #33 Translated in Sindhi

وَقُلِ الْحَقُّ مِنْ رَبِّكُمْ ۖ فَمَنْ شَاءَ فَلْيُؤْمِنْ وَمَنْ شَاءَ فَلْيَكْفُرْ ۚ إِنَّا أَعْتَدْنَا لِلظَّالِمِينَ نَارًا أَحَاطَ بِهِمْ سُرَادِقُهَا ۚ وَإِنْ يَسْتَغِيثُوا يُغَاثُوا بِمَاءٍ كَالْمُهْلِ يَشْوِي الْوُجُوهَ ۚ بِئْسَ الشَّرَابُ وَسَاءَتْ مُرْتَفَقًا
۽ چئو تہ (اِھو سخن) اوھان جي پالڻھار وٽان (آيل) سچ آھي، پوءِ جنھن کي وڻي سو ايمان آڻي ۽ جنھن کي وڻي سو نہ مڃي، اسان ظالمن لاءِ باھ تيار ڪئي آھي ۽ اُن جا پردا اُنھن کي ويڙھيندا، ۽ جيڪڏھن فرياد ڪندا تہ اُنھن جي فرياد اھڙي پاڻيءَ سان ورائي ويندي جو پگھاريل ٽامي وانگر ھوندو سندن منھن کي ڀُڃندو، اُھو بڇڙو پيڻ آھي، ۽ بڇڙو آرام جو ھنڌ آھي
إِنَّ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ إِنَّا لَا نُضِيعُ أَجْرَ مَنْ أَحْسَنَ عَمَلًا
بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تہ جنھن چڱو ڪم ڪيو آھي تنھن جو اَجر اسين نہ وڃائينداسون
أُولَٰئِكَ لَهُمْ جَنَّاتُ عَدْنٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهِمُ الْأَنْهَارُ يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِنْ ذَهَبٍ وَيَلْبَسُونَ ثِيَابًا خُضْرًا مِنْ سُنْدُسٍ وَإِسْتَبْرَقٍ مُتَّكِئِينَ فِيهَا عَلَى الْأَرَائِكِ ۚ نِعْمَ الثَّوَابُ وَحَسُنَتْ مُرْتَفَقًا
اِھي (اُھي) آھن جن لاءِ (بھشت) عدن جا باغ آھن جن جي ھيٺان نھرون وھنديون آھن منجھس سونن ڪنگڻن جا زيور اُنھن کي پارايا ويندا ۽ سُندسُ ۽ استبرق پٽ جي سائي پوشاڪ ڍڪيندا اُتي تختن تي تڪيو لائي وھندا، اِھو بدلو ڀلو آھي، ۽ آرام جي جاءِ بہ چڱي آھي
وَاضْرِبْ لَهُمْ مَثَلًا رَجُلَيْنِ جَعَلْنَا لِأَحَدِهِمَا جَنَّتَيْنِ مِنْ أَعْنَابٍ وَحَفَفْنَاهُمَا بِنَخْلٍ وَجَعَلْنَا بَيْنَهُمَا زَرْعًا
۽ (اي پيغمبر!) کين ٻن مڙسن جو قصو بيان ڪر، اُنھن مان ھڪڙي لاءِ انگورن جا ٻہ باغ پيدا ڪيا ھئاسون ۽ اُنھن جي چوڌاري کجيون پيدا ڪيو ھيوسون ۽ اُنھن جي وچ ۾ پوک پيدا ڪئي ھئي سون
كِلْتَا الْجَنَّتَيْنِ آتَتْ أُكُلَهَا وَلَمْ تَظْلِمْ مِنْهُ شَيْئًا ۚ وَفَجَّرْنَا خِلَالَهُمَا نَهَرًا
ٻنھين باغن پنھنجا ميوا پچايا ۽ منجھانئن ڪجھ گھٽ نہ ڪيائون ۽ اُنھن جي وچ ۾ واھ وھايوسون

Choose other languages: