Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hujraat Ayahs #17 Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُمْ مِنْ ذَكَرٍ وَأُنْثَىٰ وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا ۚ إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ
اي ماڻھؤ! بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون تہ (اوھين پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان وڌيڪ مان وارو الله وٽ اُھو آھي، جيڪو اوھان مان وڌيڪ پرھيزگار آھي، بيشڪ الله (سڀ) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي
قَالَتِ الْأَعْرَابُ آمَنَّا ۖ قُلْ لَمْ تُؤْمِنُوا وَلَٰكِنْ قُولُوا أَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْإِيمَانُ فِي قُلُوبِكُمْ ۖ وَإِنْ تُطِيعُوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ لَا يَلِتْكُمْ مِنْ أَعْمَالِكُمْ شَيْئًا ۚ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
بدوي چوندا آھن تہ، ايمان اندو اٿؤن (اي پيغمبر کين) چئو تہ، (حقيقت ڪري) ايمان نہ آندو اٿوَ، پر (ايئن) چئو تہ اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نہ آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ تہ اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (بہ) گھٽ نہ ڏيندو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ الَّذِينَ آمَنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ ثُمَّ لَمْ يَرْتَابُوا وَجَاهَدُوا بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنْفُسِهِمْ فِي سَبِيلِ اللَّهِ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الصَّادِقُونَ
(حقيقت ۾) مؤمن رڳو اُھي آھن، جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو، وري (ڪو) شڪ نہ ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن
قُلْ أَتُعَلِّمُونَ اللَّهَ بِدِينِكُمْ وَاللَّهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
يَمُنُّونَ عَلَيْكَ أَنْ أَسْلَمُوا ۖ قُلْ لَا تَمُنُّوا عَلَيَّ إِسْلَامَكُمْ ۖ بَلِ اللَّهُ يَمُنُّ عَلَيْكُمْ أَنْ هَدَاكُمْ لِلْإِيمَانِ إِنْ كُنْتُمْ صَادِقِينَ
(اي پيغمبر!) اسلام آڻڻ جو تو تي احسان رکندا آھن، (کين) چئو تہ، مون تي پنھنجي اسلام (آڻڻ) جو احسان نہ رکو، بلڪ اوھان تي الله احسان رکندو آھي، جو اوھان کي ايمان جي ھدايت ڪيائين، جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو، (تہ اِھا ڳالھ سچي ڄاڻو)

Choose other languages: