Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hujraat Ayahs #16 Translated in Sindhi

يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اجْتَنِبُوا كَثِيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ إِثْمٌ ۖ وَلَا تَجَسَّسُوا وَلَا يَغْتَبْ بَعْضُكُمْ بَعْضًا ۚ أَيُحِبُّ أَحَدُكُمْ أَنْ يَأْكُلَ لَحْمَ أَخِيهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوهُ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ تَوَّابٌ رَحِيمٌ
اي ايمان وارؤ! گھڻي (۽ ٿوريءَ) بد گمانيءَ (ڪرڻ) کان پاڻ پليو، ڇو تہ ڪا بدگماني ڪرڻ گناھ آھن ۽ نہ ڪي جاسوسي ڪريو ۽ نہ ڪو اوھان مان ھڪ، ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا، جنھن کان نفرت ڪندا آھيو؟ ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھي
يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُمْ مِنْ ذَكَرٍ وَأُنْثَىٰ وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا ۚ إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ
اي ماڻھؤ! بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون تہ (اوھين پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان وڌيڪ مان وارو الله وٽ اُھو آھي، جيڪو اوھان مان وڌيڪ پرھيزگار آھي، بيشڪ الله (سڀ) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي
قَالَتِ الْأَعْرَابُ آمَنَّا ۖ قُلْ لَمْ تُؤْمِنُوا وَلَٰكِنْ قُولُوا أَسْلَمْنَا وَلَمَّا يَدْخُلِ الْإِيمَانُ فِي قُلُوبِكُمْ ۖ وَإِنْ تُطِيعُوا اللَّهَ وَرَسُولَهُ لَا يَلِتْكُمْ مِنْ أَعْمَالِكُمْ شَيْئًا ۚ إِنَّ اللَّهَ غَفُورٌ رَحِيمٌ
بدوي چوندا آھن تہ، ايمان اندو اٿؤن (اي پيغمبر کين) چئو تہ، (حقيقت ڪري) ايمان نہ آندو اٿوَ، پر (ايئن) چئو تہ اسين مُسلمان ٿيا آھيون ۽ اڃا اوھان جي دلين ۾ ايمان گھڙيو (ئي) نہ آھي، ۽ جيڪڏھن الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندؤ تہ اوھان جي عملن مان اوھان کي ڪجھ (بہ) گھٽ نہ ڏيندو، ڇو تہ الله بخشڻھار مھربان آھي
إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ الَّذِينَ آمَنُوا بِاللَّهِ وَرَسُولِهِ ثُمَّ لَمْ يَرْتَابُوا وَجَاهَدُوا بِأَمْوَالِهِمْ وَأَنْفُسِهِمْ فِي سَبِيلِ اللَّهِ ۚ أُولَٰئِكَ هُمُ الصَّادِقُونَ
(حقيقت ۾) مؤمن رڳو اُھي آھن، جن الله ۽ سندس پيغمبر تي ايمان آندو، وري (ڪو) شڪ نہ ڪيائون ۽ الله جي واٽ ۾ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جُسن سان جھاد ڪيائون، اھي ئي سچا آھن
قُلْ أَتُعَلِّمُونَ اللَّهَ بِدِينِكُمْ وَاللَّهُ يَعْلَمُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَمَا فِي الْأَرْضِ ۚ وَاللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، پنھنجو دين الله کي ڄاڻائيندا آھيو ڇا؟ ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو (سڀ) الله ڄاڻندو آھي ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي

Choose other languages: