Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Hujraat Ayahs #13 Translated in Sindhi

وَإِنْ طَائِفَتَانِ مِنَ الْمُؤْمِنِينَ اقْتَتَلُوا فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا ۖ فَإِنْ بَغَتْ إِحْدَاهُمَا عَلَى الْأُخْرَىٰ فَقَاتِلُوا الَّتِي تَبْغِي حَتَّىٰ تَفِيءَ إِلَىٰ أَمْرِ اللَّهِ ۚ فَإِنْ فَاءَتْ فَأَصْلِحُوا بَيْنَهُمَا بِالْعَدْلِ وَأَقْسِطُوا ۖ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ
۽ جيڪڏھن مؤمنن جون ٻہ ٽوليون پاڻ ۾ وڙھن تہ سندن وچ ۾ پرچاءُ ڪريو، پوءِ جيڪڏھن (اِنھن) ٻنھي مان ھڪڙي (ٽولي) ٻي تي زيادتي ڪري تہ جيڪا (ٽولي) زيادتي ٿي ڪري، تنھن سان (اوھين ايستائين) وڙھو جيستائين الله جي حُڪم ڏانھن موٽي اچي، پوءِ جيڪڏھن موٽي آئي تہ سندن وچ ۾ انصاف سان پرچاءُ ڪريو ۽ انصاف سان ھلو، ڇو تہ الله انصاف وارن کي پيارو رکندو آھي
إِنَّمَا الْمُؤْمِنُونَ إِخْوَةٌ فَأَصْلِحُوا بَيْنَ أَخَوَيْكُمْ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
مؤمن (حقيقت ڪري ھڪ ٻئي جا) ڀائر آھن، تنھنڪري پنھنجن ٻنھي ڀائرن جي وچ ۾ پرچاءُ ڪريو، ۽ الله کان ڊڄو تہ منَ اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا لَا يَسْخَرْ قَوْمٌ مِنْ قَوْمٍ عَسَىٰ أَنْ يَكُونُوا خَيْرًا مِنْهُمْ وَلَا نِسَاءٌ مِنْ نِسَاءٍ عَسَىٰ أَنْ يَكُنَّ خَيْرًا مِنْهُنَّ ۖ وَلَا تَلْمِزُوا أَنْفُسَكُمْ وَلَا تَنَابَزُوا بِالْأَلْقَابِ ۖ بِئْسَ الِاسْمُ الْفُسُوقُ بَعْدَ الْإِيمَانِ ۚ وَمَنْ لَمْ يَتُبْ فَأُولَٰئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ
اي ايمان وارؤ! ڪا ٽولي ڪنھن ٽوليءَ تي ٺـٺولي نہ ڪري، جو متان (اُھي حقيقت ڪري) کانئن ڀلا ھجن ۽ نہ زالون ٻـين زالن سان (ٺـٺوليون ڪن) جو متان اُھي کانئن ڀَليون ھجن، ۽ نڪي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي کي) عيب لايو ۽ نڪي ھڪ ٻئي کي بڇڙن لقبن سان سڏيو (جو) ايمان آڻڻ کانپوءِ بڇڙائيءَ جو نالو (وٺڻ) خراب آھي، ۽ جن توبھ نہ ڪئي سي ئي ظالم آھن
يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اجْتَنِبُوا كَثِيرًا مِنَ الظَّنِّ إِنَّ بَعْضَ الظَّنِّ إِثْمٌ ۖ وَلَا تَجَسَّسُوا وَلَا يَغْتَبْ بَعْضُكُمْ بَعْضًا ۚ أَيُحِبُّ أَحَدُكُمْ أَنْ يَأْكُلَ لَحْمَ أَخِيهِ مَيْتًا فَكَرِهْتُمُوهُ ۚ وَاتَّقُوا اللَّهَ ۚ إِنَّ اللَّهَ تَوَّابٌ رَحِيمٌ
اي ايمان وارؤ! گھڻي (۽ ٿوريءَ) بد گمانيءَ (ڪرڻ) کان پاڻ پليو، ڇو تہ ڪا بدگماني ڪرڻ گناھ آھن ۽ نہ ڪي جاسوسي ڪريو ۽ نہ ڪو اوھان مان ھڪ، ٻئي جي گلا ڪري، ڀلا اوھان مان ڪو ھڪڙو پنھنجي مُئي ڀاءُ جو گوشت کائڻ پسند ڪندو آھي ڇا، جنھن کان نفرت ڪندا آھيو؟ ۽ الله کان ڊڄو، ڇو تہ الله توبھ قبول ڪندڙ مھربان آھي
يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُمْ مِنْ ذَكَرٍ وَأُنْثَىٰ وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا ۚ إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِنْدَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ ۚ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ
اي ماڻھؤ! بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مڙس ۽ ھڪ زال مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون تہ (اوھين پاڻ ۾) ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان وڌيڪ مان وارو الله وٽ اُھو آھي، جيڪو اوھان مان وڌيڪ پرھيزگار آھي، بيشڪ الله (سڀ) ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي

Choose other languages: