Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #12 Translated in Sindhi

أَوْ يُلْقَىٰ إِلَيْهِ كَنْزٌ أَوْ تَكُونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأْكُلُ مِنْهَا ۚ وَقَالَ الظَّالِمُونَ إِنْ تَتَّبِعُونَ إِلَّا رَجُلًا مَسْحُورًا
يا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نہ اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نہ آھي، جو منجھانئس کائي ۽ ظالم چوندا آھن تہ، اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو
انْظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوا لَكَ الْأَمْثَالَ فَضَلُّوا فَلَا يَسْتَطِيعُونَ سَبِيلًا
(اي پيغمبر) ڏس تہ تو لاءِ ڪھڙي طرح جون ڳالھيون ڪندا آھن پوءِ (اُھي) گمراھ ٿيا ۽ (ھاڻي) ڪا واٽ لھي نٿا سگھن
تَبَارَكَ الَّذِي إِنْ شَاءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِنْ ذَٰلِكَ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ وَيَجْعَلْ لَكَ قُصُورًا
اُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي، جيڪڏھن گھري تہ (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، سي توکي ڏئي ۽ تو کي وڏيون ماڙيون (بہ) ڏئي
بَلْ كَذَّبُوا بِالسَّاعَةِ ۖ وَأَعْتَدْنَا لِمَنْ كَذَّبَ بِالسَّاعَةِ سَعِيرًا
بلڪ قيامت کي ڪُوڙ ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون
إِذَا رَأَتْهُمْ مِنْ مَكَانٍ بَعِيدٍ سَمِعُوا لَهَا تَغَيُّظًا وَزَفِيرًا
جڏھن (دوزخ) اُنھن کي ڏوراھين ھنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا

Choose other languages: