Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #68 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ يَبِيتُونَ لِرَبِّهِمْ سُجَّدًا وَقِيَامًا
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن
وَالَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا اصْرِفْ عَنَّا عَذَابَ جَهَنَّمَ ۖ إِنَّ عَذَابَهَا كَانَ غَرَامًا
۽ اُھي جيڪي چوندا آھن تہ، اي اسان جا پالڻھار! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار! بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي
إِنَّهَا سَاءَتْ مُسْتَقَرًّا وَمُقَامًا
بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي
وَالَّذِينَ إِذَا أَنْفَقُوا لَمْ يُسْرِفُوا وَلَمْ يَقْتُرُوا وَكَانَ بَيْنَ ذَٰلِكَ قَوَامًا
۽ اُھي جو جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نہ ڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نہ ڪي تنگي ڪندا آھن ۽ اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن
وَالَّذِينَ لَا يَدْعُونَ مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ وَلَا يَقْتُلُونَ النَّفْسَ الَّتِي حَرَّمَ اللَّهُ إِلَّا بِالْحَقِّ وَلَا يَزْنُونَ ۚ وَمَنْ يَفْعَلْ ذَٰلِكَ يَلْقَ أَثَامًا
۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نہ پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي ماڻھوءَ کي ماريندا آھن، جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اِھي ڪم ڪندو، سو سخت عذاب لھندو

Choose other languages: