Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #70 Translated in Sindhi

إِنَّهَا سَاءَتْ مُسْتَقَرًّا وَمُقَامًا
بيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي
وَالَّذِينَ إِذَا أَنْفَقُوا لَمْ يُسْرِفُوا وَلَمْ يَقْتُرُوا وَكَانَ بَيْنَ ذَٰلِكَ قَوَامًا
۽ اُھي جو جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نہ ڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نہ ڪي تنگي ڪندا آھن ۽ اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن
وَالَّذِينَ لَا يَدْعُونَ مَعَ اللَّهِ إِلَٰهًا آخَرَ وَلَا يَقْتُلُونَ النَّفْسَ الَّتِي حَرَّمَ اللَّهُ إِلَّا بِالْحَقِّ وَلَا يَزْنُونَ ۚ وَمَنْ يَفْعَلْ ذَٰلِكَ يَلْقَ أَثَامًا
۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نہ پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي ماڻھوءَ کي ماريندا آھن، جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اِھي ڪم ڪندو، سو سخت عذاب لھندو
يُضَاعَفْ لَهُ الْعَذَابُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَيَخْلُدْ فِيهِ مُهَانًا
قيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو
إِلَّا مَنْ تَابَ وَآمَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَأُولَٰئِكَ يُبَدِّلُ اللَّهُ سَيِّئَاتِهِمْ حَسَنَاتٍ ۗ وَكَانَ اللَّهُ غَفُورًا رَحِيمًا
پر جن توبھ ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي، اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي

Choose other languages: