Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #62 Translated in Sindhi

وَتَوَكَّلْ عَلَى الْحَيِّ الَّذِي لَا يَمُوتُ وَسَبِّحْ بِحَمْدِهِ ۚ وَكَفَىٰ بِهِ بِذُنُوبِ عِبَادِهِ خَبِيرًا
۽ (اي پيغمبر! تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر، جيڪو (ڪڏھن) نہ مرندو ۽ سنديس ساراھ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي
الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَىٰ عَلَى الْعَرْشِ ۚ الرَّحْمَٰنُ فَاسْأَلْ بِهِ خَبِيرًا
جنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي (سو) ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو، وري عرش تي قائم ٿيو، (اُھو) ٻاجھارو آھي، پوءِ سندس (صفتون) ڪنھن خبر رکندڙ کان پُڇ
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اسْجُدُوا لِلرَّحْمَٰنِ قَالُوا وَمَا الرَّحْمَٰنُ أَنَسْجُدُ لِمَا تَأْمُرُنَا وَزَادَهُمْ نُفُورًا ۩
۽ جڏھن کين چئبو آھي تہ رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن تہ رحمٰن ڇا آھي؟ جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين، تنھن کي ڇو سجدو ڪريون؟ ۽ (اُنھيءَ ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي
تَبَارَكَ الَّذِي جَعَلَ فِي السَّمَاءِ بُرُوجًا وَجَعَلَ فِيهَا سِرَاجًا وَقَمَرًا مُنِيرًا
اُُھو (الله) وڏيءَ برڪت وارو آھي، جنھن آسمان ۾ برج بڻايا ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو
وَهُوَ الَّذِي جَعَلَ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ خِلْفَةً لِمَنْ أَرَادَ أَنْ يَذَّكَّرَ أَوْ أَرَادَ شُكُورًا
۽ (الله) اُھو آھي، جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پٺيان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھوءَ) لاءِ بڻايو، جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو ڪرڻ گھري

Choose other languages: