Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #65 Translated in Sindhi

تَبَارَكَ الَّذِي جَعَلَ فِي السَّمَاءِ بُرُوجًا وَجَعَلَ فِيهَا سِرَاجًا وَقَمَرًا مُنِيرًا
اُُھو (الله) وڏيءَ برڪت وارو آھي، جنھن آسمان ۾ برج بڻايا ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو
وَهُوَ الَّذِي جَعَلَ اللَّيْلَ وَالنَّهَارَ خِلْفَةً لِمَنْ أَرَادَ أَنْ يَذَّكَّرَ أَوْ أَرَادَ شُكُورًا
۽ (الله) اُھو آھي، جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پٺيان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھوءَ) لاءِ بڻايو، جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو ڪرڻ گھري
وَعِبَادُ الرَّحْمَٰنِ الَّذِينَ يَمْشُونَ عَلَى الْأَرْضِ هَوْنًا وَإِذَا خَاطَبَهُمُ الْجَاهِلُونَ قَالُوا سَلَامًا
۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن تہ سلامت ھجو (شال)
وَالَّذِينَ يَبِيتُونَ لِرَبِّهِمْ سُجَّدًا وَقِيَامًا
۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن
وَالَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا اصْرِفْ عَنَّا عَذَابَ جَهَنَّمَ ۖ إِنَّ عَذَابَهَا كَانَ غَرَامًا
۽ اُھي جيڪي چوندا آھن تہ، اي اسان جا پالڻھار! اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار! بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي

Choose other languages: