Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #7 Translated in Sindhi

وَاتَّخَذُوا مِنْ دُونِهِ آلِهَةً لَا يَخْلُقُونَ شَيْئًا وَهُمْ يُخْلَقُونَ وَلَا يَمْلِكُونَ لِأَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَلَا نَفْعًا وَلَا يَمْلِكُونَ مَوْتًا وَلَا حَيَاةً وَلَا نُشُورًا
۽ (ڪافرن) الله کانسواءِ اُھي معبود ورتا آھن، جو ڪجھ بڻائي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ پيدا ڪيل آھن ۽ پاڻ لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جو اختيار اٿن ۽ نڪي موت ۽ نڪي حياتيءَ ۽ نڪي وري جيئري ٿيڻ جو اختيار اٿن
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا إِنْ هَٰذَا إِلَّا إِفْكٌ افْتَرَاهُ وَأَعَانَهُ عَلَيْهِ قَوْمٌ آخَرُونَ ۖ فَقَدْ جَاءُوا ظُلْمًا وَزُورًا
۽ ڪافر چوندا آھن تہ ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي، (جو) اُھو پاڻ ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم بہ کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي
وَقَالُوا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلَىٰ عَلَيْهِ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
۽ چيائون تہ (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي لکايا اٿس، پوءِ اھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن
قُلْ أَنْزَلَهُ الَّذِي يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ إِنَّهُ كَانَ غَفُورًا رَحِيمًا
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
وَقَالُوا مَالِ هَٰذَا الرَّسُولِ يَأْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِي فِي الْأَسْوَاقِ ۙ لَوْلَا أُنْزِلَ إِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُونَ مَعَهُ نَذِيرًا
۽ (ڪافر) چون ٿا تہ، ھن پيغمبر کي ڇا (ٿيو) آھي، جو کاڌو کائيندو آھي ۽ بازارين ۾ گھمندو آھي، ڏانھس ملائڪ ڇو نہ نازل ڪيو ويو آھي تہ اُھو ساڻس (گڏ) ڊيڄاريندڙ ھجي

Choose other languages: