Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #6 Translated in Sindhi

الَّذِي لَهُ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَلَمْ يَكُنْ لَهُ شَرِيكٌ فِي الْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَيْءٍ فَقَدَّرَهُ تَقْدِيرًا
(اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شئي کي بڻايائين، پوءِ اُن جو اندازو پوريءَ طرح ٺھرايائين
وَاتَّخَذُوا مِنْ دُونِهِ آلِهَةً لَا يَخْلُقُونَ شَيْئًا وَهُمْ يُخْلَقُونَ وَلَا يَمْلِكُونَ لِأَنْفُسِهِمْ ضَرًّا وَلَا نَفْعًا وَلَا يَمْلِكُونَ مَوْتًا وَلَا حَيَاةً وَلَا نُشُورًا
۽ (ڪافرن) الله کانسواءِ اُھي معبود ورتا آھن، جو ڪجھ بڻائي نہ سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ پيدا ڪيل آھن ۽ پاڻ لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جو اختيار اٿن ۽ نڪي موت ۽ نڪي حياتيءَ ۽ نڪي وري جيئري ٿيڻ جو اختيار اٿن
وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا إِنْ هَٰذَا إِلَّا إِفْكٌ افْتَرَاهُ وَأَعَانَهُ عَلَيْهِ قَوْمٌ آخَرُونَ ۖ فَقَدْ جَاءُوا ظُلْمًا وَزُورًا
۽ ڪافر چوندا آھن تہ ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي، (جو) اُھو پاڻ ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم بہ کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي
وَقَالُوا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلَىٰ عَلَيْهِ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
۽ چيائون تہ (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي لکايا اٿس، پوءِ اھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن
قُلْ أَنْزَلَهُ الَّذِي يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ إِنَّهُ كَانَ غَفُورًا رَحِيمًا
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي

Choose other languages: