Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #8 Translated in Sindhi

وَقَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا إِنْ هَٰذَا إِلَّا إِفْكٌ افْتَرَاهُ وَأَعَانَهُ عَلَيْهِ قَوْمٌ آخَرُونَ ۖ فَقَدْ جَاءُوا ظُلْمًا وَزُورًا
۽ ڪافر چوندا آھن تہ ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي، (جو) اُھو پاڻ ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم بہ کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي
وَقَالُوا أَسَاطِيرُ الْأَوَّلِينَ اكْتَتَبَهَا فَهِيَ تُمْلَىٰ عَلَيْهِ بُكْرَةً وَأَصِيلًا
۽ چيائون تہ (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي لکايا اٿس، پوءِ اھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن
قُلْ أَنْزَلَهُ الَّذِي يَعْلَمُ السِّرَّ فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ ۚ إِنَّهُ كَانَ غَفُورًا رَحِيمًا
(اي پيغمبر! کين) چئو تہ، اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي، جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي
وَقَالُوا مَالِ هَٰذَا الرَّسُولِ يَأْكُلُ الطَّعَامَ وَيَمْشِي فِي الْأَسْوَاقِ ۙ لَوْلَا أُنْزِلَ إِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُونَ مَعَهُ نَذِيرًا
۽ (ڪافر) چون ٿا تہ، ھن پيغمبر کي ڇا (ٿيو) آھي، جو کاڌو کائيندو آھي ۽ بازارين ۾ گھمندو آھي، ڏانھس ملائڪ ڇو نہ نازل ڪيو ويو آھي تہ اُھو ساڻس (گڏ) ڊيڄاريندڙ ھجي
أَوْ يُلْقَىٰ إِلَيْهِ كَنْزٌ أَوْ تَكُونُ لَهُ جَنَّةٌ يَأْكُلُ مِنْهَا ۚ وَقَالَ الظَّالِمُونَ إِنْ تَتَّبِعُونَ إِلَّا رَجُلًا مَسْحُورًا
يا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نہ اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نہ آھي، جو منجھانئس کائي ۽ ظالم چوندا آھن تہ، اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو

Choose other languages: