Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Furqan Ayahs #23 Translated in Sindhi

فَقَدْ كَذَّبُوكُمْ بِمَا تَقُولُونَ فَمَا تَسْتَطِيعُونَ صَرْفًا وَلَا نَصْرًا ۚ وَمَنْ يَظْلِمْ مِنْكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيرًا
پوءِ (چونداسون تہ اي ڪافرؤ!) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون
وَمَا أَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ الْمُرْسَلِينَ إِلَّا إِنَّهُمْ لَيَأْكُلُونَ الطَّعَامَ وَيَمْشُونَ فِي الْأَسْوَاقِ ۗ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً أَتَصْبِرُونَ ۗ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيرًا
۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا بہ موڪلياسون سي (بہ تو ئي وانگر) کاڌو کائيندا ھئا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھئا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (تہ ڏسون تہ) صبر ڪريو ٿا (يا نہ)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي
وَقَالَ الَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَاءَنَا لَوْلَا أُنْزِلَ عَلَيْنَا الْمَلَائِكَةُ أَوْ نَرَىٰ رَبَّنَا ۗ لَقَدِ اسْتَكْبَرُوا فِي أَنْفُسِهِمْ وَعَتَوْا عُتُوًّا كَبِيرًا
۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نہ رکندا آھن سي چوندا آھن تہ اسان تي ڇو نہ ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نہ ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن دلين (نفسن) ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون
يَوْمَ يَرَوْنَ الْمَلَائِكَةَ لَا بُشْرَىٰ يَوْمَئِذٍ لِلْمُجْرِمِينَ وَيَقُولُونَ حِجْرًا مَحْجُورًا
جنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نہ آھي ۽ چوندا تہ (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو!
وَقَدِمْنَا إِلَىٰ مَا عَمِلُوا مِنْ عَمَلٍ فَجَعَلْنَاهُ هَبَاءً مَنْثُورًا
۽ جيڪو بہ عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين رخ ڪنداسون، پوءِ اُن کي اڏاميل ڌوڙ ڪري ڇڏينداسون

Choose other languages: