Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #29 Translated in Sindhi

إِذْ جَعَلَ الَّذِينَ كَفَرُوا فِي قُلُوبِهِمُ الْحَمِيَّةَ حَمِيَّةَ الْجَاهِلِيَّةِ فَأَنْزَلَ اللَّهُ سَكِينَتَهُ عَلَىٰ رَسُولِهِ وَعَلَى الْمُؤْمِنِينَ وَأَلْزَمَهُمْ كَلِمَةَ التَّقْوَىٰ وَكَانُوا أَحَقَّ بِهَا وَأَهْلَهَا ۚ وَكَانَ اللَّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمًا
جڏھن ڪافرن پنھنجن دلين ۾ جاھليت جو جوش پيدا ڪيو، تڏھن الله پنھنجي پيغمبر تي ۽ مؤمنن تي پنھنجو آرام نازل ڪيو ۽ کين پرھيزگاريءَ جي ڳالھ تي قائم رکيائين ۽ (اِھي) ان جا وڌيڪ حقدار ۽ اُن جا لائق ھئا ۽ الله سڀڪنھن شئي کي ڄاڻندڙ آھي
لَقَدْ صَدَقَ اللَّهُ رَسُولَهُ الرُّؤْيَا بِالْحَقِّ ۖ لَتَدْخُلُنَّ الْمَسْجِدَ الْحَرَامَ إِنْ شَاءَ اللَّهُ آمِنِينَ مُحَلِّقِينَ رُءُوسَكُمْ وَمُقَصِّرِينَ لَا تَخَافُونَ ۖ فَعَلِمَ مَا لَمْ تَعْلَمُوا فَجَعَلَ مِنْ دُونِ ذَٰلِكَ فَتْحًا قَرِيبًا
بيشڪ الله پنھنجي پيغمبر کي (ھر طرح جو واقعي موافق) خواب سچو ڏيکاريو، تہ جيڪڏھن الله گھريو تہ پنھنجا مٿا ڪوڙائي ۽ وار ڪترائي مسجد حرام ۾ بي ڀوا ٿي ضرور گھڙندؤ ۽ نہ ڊڄندؤ، پوءِ (اوھين) جيڪي نہ ڄاڻندا آھيو، سو الله ڄاتو، تنھن ڪري اِن (مڪي جي فتح) کان اڳ (خيبر جي) فتح (الله) ويجھي مقرر ڪئي
هُوَ الَّذِي أَرْسَلَ رَسُولَهُ بِالْهُدَىٰ وَدِينِ الْحَقِّ لِيُظْهِرَهُ عَلَى الدِّينِ كُلِّهِ ۚ وَكَفَىٰ بِاللَّهِ شَهِيدًا
(الله) اُھو آھي، جنھن پنھنجي پيغمبر کي ھدايت ۽ سچي دين سان موڪليو تہ اُن کي (ٻين) سڀني دينن تي غالب ڪري ۽ الله (حق) ظاھر ڪندڙ ڪافي آھي
مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ ۚ وَالَّذِينَ مَعَهُ أَشِدَّاءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَاءُ بَيْنَهُمْ ۖ تَرَاهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضْوَانًا ۖ سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِمْ مِنْ أَثَرِ السُّجُودِ ۚ ذَٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرَاةِ ۚ وَمَثَلُهُمْ فِي الْإِنْجِيلِ كَزَرْعٍ أَخْرَجَ شَطْأَهُ فَآزَرَهُ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوَىٰ عَلَىٰ سُوقِهِ يُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِيَغِيظَ بِهِمُ الْكُفَّارَ ۗ وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنْهُمْ مَغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا
محمد (ﷺ) الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس گڏ آھن، سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن (۽) پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي تي وڌيڪ) مھربان آھن، (اي ڏسندڙ) کين رڪوع ڪندڙ (۽) سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين، الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، سندن (نيڪ بختيءَ جي) نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اِھو (جيڪي بيان ڪيو ويو سو) سندن (حال جو) قصو توريت ۾ (بيان ٿيل) آھي ۽ سندس مثال (جو قصو) اِنجيل ۾ (بہ بيان ٿيل آھي تہ اِھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن، جنھن پنھنجو (سائو) سَلو ڪڍيو، پوءِ اُن (سلي) کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلھو ٿيو، پوءِ پنھنجن ڏانڊين تي (سڌو) بيٺو جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو بہ آخر اھڙو حال آھي)، تہ (الله) ڪافرن کي اِنھن (مؤمنن جي ڏسڻ) ڪري ڪاوڙائي، جن ايمان آندو آھي ۽ منجھانئن (جن) چڱا ڪم ڪيا (تن مڙني کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي

Choose other languages: