Download Mobile App:

Surah Al-Fath Ayah #29 Translated in Sindhi

مُحَمَّدٌ رَسُولُ اللَّهِ ۚ وَالَّذِينَ مَعَهُ أَشِدَّاءُ عَلَى الْكُفَّارِ رُحَمَاءُ بَيْنَهُمْ ۖ تَرَاهُمْ رُكَّعًا سُجَّدًا يَبْتَغُونَ فَضْلًا مِنَ اللَّهِ وَرِضْوَانًا ۖ سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِمْ مِنْ أَثَرِ السُّجُودِ ۚ ذَٰلِكَ مَثَلُهُمْ فِي التَّوْرَاةِ ۚ وَمَثَلُهُمْ فِي الْإِنْجِيلِ كَزَرْعٍ أَخْرَجَ شَطْأَهُ فَآزَرَهُ فَاسْتَغْلَظَ فَاسْتَوَىٰ عَلَىٰ سُوقِهِ يُعْجِبُ الزُّرَّاعَ لِيَغِيظَ بِهِمُ الْكُفَّارَ ۗ وَعَدَ اللَّهُ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ مِنْهُمْ مَغْفِرَةً وَأَجْرًا عَظِيمًا
محمد (ﷺ) الله جو موڪليل آھي، ۽ جيڪي سندس گڏ آھن، سي ڪافرن تي ڏاڍا سخت آھن (۽) پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي تي وڌيڪ) مھربان آھن، (اي ڏسندڙ) کين رڪوع ڪندڙ (۽) سجدو ڪندڙ ڏسندو آھين، الله جو فضل ۽ رضامندي طلبيندا آھن، سندن (نيڪ بختيءَ جي) نشاني سندن منھن ۾ سجدي جي اثر کان (پڌري) آھي، اِھو (جيڪي بيان ڪيو ويو سو) سندن (حال جو) قصو توريت ۾ (بيان ٿيل) آھي ۽ سندس مثال (جو قصو) اِنجيل ۾ (بہ بيان ٿيل آھي تہ اِھي) اُنھيءَ پوک وانگر آھن، جنھن پنھنجو (سائو) سَلو ڪڍيو، پوءِ اُن (سلي) کي مضبوط ڪيائين، پوءِ ٿلھو ٿيو، پوءِ پنھنجن ڏانڊين تي (سڌو) بيٺو جو ڪڙمين کي پئي وڻي (اسلامي غلبي جو بہ آخر اھڙو حال آھي)، تہ (الله) ڪافرن کي اِنھن (مؤمنن جي ڏسڻ) ڪري ڪاوڙائي، جن ايمان آندو آھي ۽ منجھانئن (جن) چڱا ڪم ڪيا (تن مڙني کي) بخشش ۽ وڏي اجر جو الله انجام ڏنو آھي