Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #21 Translated in Sindhi

لَيْسَ عَلَى الْأَعْمَىٰ حَرَجٌ وَلَا عَلَى الْأَعْرَجِ حَرَجٌ وَلَا عَلَى الْمَرِيضِ حَرَجٌ ۗ وَمَنْ يُطِعِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ يُدْخِلْهُ جَنَّاتٍ تَجْرِي مِنْ تَحْتِهَا الْأَنْهَارُ ۖ وَمَنْ يَتَوَلَّ يُعَذِّبْهُ عَذَابًا أَلِيمًا
(اھڙي جھاد کان رھڻ ۾) نڪي انڌي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي مندي تي ڪو گناھ آھي ۽ نڪي بيمار تي ڪو گناھ آھي ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جو چيو مڃيندو تنھن کي (الله اھڙن) باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، ۽ جيڪو ڦرندو، تنھنکي ڏکوئيندڙ عذاب جي سزا ڏيندو
لَقَدْ رَضِيَ اللَّهُ عَنِ الْمُؤْمِنِينَ إِذْ يُبَايِعُونَكَ تَحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِي قُلُوبِهِمْ فَأَنْزَلَ السَّكِينَةَ عَلَيْهِمْ وَأَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيبًا
بيشڪ الله مؤمنن کان (اُنھيءَ وقت) راضي ٿيو، جنھن وقت وڻ ھيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون، پوءِ جيڪي سندين دلين ۾ ھو سو ڄاتائين، پوءِ مٿن (دل جو) سڪون لاٿائين ۽ کين ھڪ ويجھي سوڀ انعام ڏنائين
وَمَغَانِمَ كَثِيرَةً يَأْخُذُونَهَا ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا
۽ گھڻيون غنيمتون (بہ)، جو اُنھن کي (اُھي) ھٿ آڻيندا ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغَانِمَ كَثِيرَةً تَأْخُذُونَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هَٰذِهِ وَكَفَّ أَيْدِيَ النَّاسِ عَنْكُمْ وَلِتَكُونَ آيَةً لِلْمُؤْمِنِينَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُسْتَقِيمًا
الله اوھان کي گھڻين غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي، جن کي (اوھين) ھٿ آڻيندؤ، پوءِ (ھينئر) ھيءُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي جلد عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين (اُھو) ۽ ھن لاءِ تہ مؤمنن لاءِ اھا ھڪ (قدرت جي) نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري
وَأُخْرَىٰ لَمْ تَقْدِرُوا عَلَيْهَا قَدْ أَحَاطَ اللَّهُ بِهَا ۚ وَكَانَ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرًا
۽ ٻيون (بہ) جن تي قادر نہ ٿيا آھيو، بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي

Choose other languages: