Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Fath Ayahs #22 Translated in Sindhi

لَقَدْ رَضِيَ اللَّهُ عَنِ الْمُؤْمِنِينَ إِذْ يُبَايِعُونَكَ تَحْتَ الشَّجَرَةِ فَعَلِمَ مَا فِي قُلُوبِهِمْ فَأَنْزَلَ السَّكِينَةَ عَلَيْهِمْ وَأَثَابَهُمْ فَتْحًا قَرِيبًا
بيشڪ الله مؤمنن کان (اُنھيءَ وقت) راضي ٿيو، جنھن وقت وڻ ھيٺ توسان بيعت ٿي ڪيائون، پوءِ جيڪي سندين دلين ۾ ھو سو ڄاتائين، پوءِ مٿن (دل جو) سڪون لاٿائين ۽ کين ھڪ ويجھي سوڀ انعام ڏنائين
وَمَغَانِمَ كَثِيرَةً يَأْخُذُونَهَا ۗ وَكَانَ اللَّهُ عَزِيزًا حَكِيمًا
۽ گھڻيون غنيمتون (بہ)، جو اُنھن کي (اُھي) ھٿ آڻيندا ۽ الله غالب حڪمت وارو آھي
وَعَدَكُمُ اللَّهُ مَغَانِمَ كَثِيرَةً تَأْخُذُونَهَا فَعَجَّلَ لَكُمْ هَٰذِهِ وَكَفَّ أَيْدِيَ النَّاسِ عَنْكُمْ وَلِتَكُونَ آيَةً لِلْمُؤْمِنِينَ وَيَهْدِيَكُمْ صِرَاطًا مُسْتَقِيمًا
الله اوھان کي گھڻين غنيمتن جو وعدو ڏنو آھي، جن کي (اوھين) ھٿ آڻيندؤ، پوءِ (ھينئر) ھيءُ (خيبر جون غنيمتون) اوھان کي جلد عطا ڪيائين ۽ اوھان کان ماڻھن جا ھٿ جھلي ڇڏيائين (اُھو) ۽ ھن لاءِ تہ مؤمنن لاءِ اھا ھڪ (قدرت جي) نشاني ھجي ۽ اوھان کي (الله) سڌو رستو ڏيکاري
وَأُخْرَىٰ لَمْ تَقْدِرُوا عَلَيْهَا قَدْ أَحَاطَ اللَّهُ بِهَا ۚ وَكَانَ اللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرًا
۽ ٻيون (بہ) جن تي قادر نہ ٿيا آھيو، بيشڪ الله کي انھن جي خبر آھي، ۽ الله سڀڪنھن شئي تي وس وارو آھي
وَلَوْ قَاتَلَكُمُ الَّذِينَ كَفَرُوا لَوَلَّوُا الْأَدْبَارَ ثُمَّ لَا يَجِدُونَ وَلِيًّا وَلَا نَصِيرًا
۽ جيڪڏھن ڪافر اوھان سان جنگ ڪن ھا تہ ضرور (پنھنجون) پٺيون ڦيرائين ھا، وري نہ ڪو دوست ۽ نہ ڪو مددگار لھن ھا

Choose other languages: