Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #82 Translated in Sindhi

فَأَخَذَتْهُمُ الرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا فِي دَارِهِمْ جَاثِمِينَ
پوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن پوءِ جنھن گھرن ۾ ڪُرنڊڙا ٿي (مري) ويا
فَتَوَلَّىٰ عَنْهُمْ وَقَالَ يَا قَوْمِ لَقَدْ أَبْلَغْتُكُمْ رِسَالَةَ رَبِّي وَنَصَحْتُ لَكُمْ وَلَٰكِنْ لَا تُحِبُّونَ النَّاصِحِينَ
پوءِ (صالح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين تہ اي منھنجي قوم! بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نہ رکندا آھيو
وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِ أَتَأْتُونَ الْفَاحِشَةَ مَا سَبَقَكُمْ بِهَا مِنْ أَحَدٍ مِنَ الْعَالَمِينَ
۽ لوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين تہ اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ بہ نہ ڪئي آھي؟
إِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ الرِّجَالَ شَهْوَةً مِنْ دُونِ النِّسَاءِ ۚ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ مُسْرِفُونَ
جو اوھين عورتن کي ڇڏي نرن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو
وَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِ إِلَّا أَنْ قَالُوا أَخْرِجُوهُمْ مِنْ قَرْيَتِكُمْ ۖ إِنَّهُمْ أُنَاسٌ يَتَطَهَّرُونَ
۽ سندس قوم جي ورندي ھن چوڻ کانسواءِ نہ ھُئي تہ اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇو تہ اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن

Choose other languages: