Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #68 Translated in Sindhi

فَكَذَّبُوهُ فَأَنْجَيْنَاهُ وَالَّذِينَ مَعَهُ فِي الْفُلْكِ وَأَغْرَقْنَا الَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا ۚ إِنَّهُمْ كَانُوا قَوْمًا عَمِينَ
پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھئا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇو تہ اُھا انڌي قوم ھئي
وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا ۗ قَالَ يَا قَوْمِ اعْبُدُوا اللَّهَ مَا لَكُمْ مِنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُ ۚ أَفَلَا تَتَّقُونَ
۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين تہ اي منھنجي قوم! الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو ٻيو اوھان جو خُدا نہ آھي، پوءِ ڇو نہ ڊڄندا آھيو؟
قَالَ الْمَلَأُ الَّذِينَ كَفَرُوا مِنْ قَوْمِهِ إِنَّا لَنَرَاكَ فِي سَفَاهَةٍ وَإِنَّا لَنَظُنُّكَ مِنَ الْكَاذِبِينَ
سندس قوم مان ڪافرن سردارن چيو تہ اسين بلاشڪ تو کي بيوقوفيءَ ۾ ڏسندا آھيون ۽ اسين بلاشڪ تو کي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون
قَالَ يَا قَوْمِ لَيْسَ بِي سَفَاهَةٌ وَلَٰكِنِّي رَسُولٌ مِنْ رَبِّ الْعَالَمِينَ
چيائين تہ اي منھنجي قوم! مونکي ڪابہ بيوقوفي ڪانھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان
أُبَلِّغُكُمْ رِسَالَاتِ رَبِّي وَأَنَا لَكُمْ نَاصِحٌ أَمِينٌ
اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايان ٿو ۽ آءٌ اوھان لاءِ امين نصيحت ڪندڙ آھيان

Choose other languages: