Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #37 Translated in Sindhi

قُلْ إِنَّمَا حَرَّمَ رَبِّيَ الْفَوَاحِشَ مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَمَا بَطَنَ وَالْإِثْمَ وَالْبَغْيَ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَأَنْ تُشْرِكُوا بِاللَّهِ مَا لَمْ يُنَزِّلْ بِهِ سُلْطَانًا وَأَنْ تَقُولُوا عَلَى اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر!) چئو تہ منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي ظاھر ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناھ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙيءَ شئي کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حجت نہ لاٿي اٿس ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھيو سو الله تي چوڻ، اِھي ئي حرام ڪيون آھن
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ ۖ فَإِذَا جَاءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً ۖ وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ
۽ ھر ڪنھن امت جو ھڪ وقت طئي ٿيل آھي، پوءِ جڏھن سندن مدت پھچندي (تڏھن) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اَڳڀرو ويندا
يَا بَنِي آدَمَ إِمَّا يَأْتِيَنَّكُمْ رُسُلٌ مِنْكُمْ يَقُصُّونَ عَلَيْكُمْ آيَاتِي ۙ فَمَنِ اتَّقَىٰ وَأَصْلَحَ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ
اي آدم جا اولاد! جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين تہ جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪو ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين ٿيندا
وَالَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَاسْتَكْبَرُوا عَنْهَا أُولَٰئِكَ أَصْحَابُ النَّارِ ۖ هُمْ فِيهَا خَالِدُونَ
۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ انھن جي (قبولڻ) کان وڏائي ڪئي سي دوزخي آھن، اُھي اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن
فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ افْتَرَىٰ عَلَى اللَّهِ كَذِبًا أَوْ كَذَّبَ بِآيَاتِهِ ۚ أُولَٰئِكَ يَنَالُهُمْ نَصِيبُهُمْ مِنَ الْكِتَابِ ۖ حَتَّىٰ إِذَا جَاءَتْهُمْ رُسُلُنَا يَتَوَفَّوْنَهُمْ قَالُوا أَيْنَ مَا كُنْتُمْ تَدْعُونَ مِنْ دُونِ اللَّهِ ۖ قَالُوا ضَلُّوا عَنَّا وَشَهِدُوا عَلَىٰ أَنْفُسِهِمْ أَنَّهُمْ كَانُوا كَافِرِينَ
جنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڀانيو تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اُنھن کي (لوح محفوظ ۾) لکيل مان سندن حصو (سک ۽ ڏک جو) ملندو رھندو، تان جو جنھن مھل اسان جا قاصد (ملائڪ) سندن روح ڪڍڻ لاءِ ايندا (تڏھن کين) چوندا تہ اوھين الله کانسواءِ جن کي سڏيندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ چوندا تہ اسان کان ڀلجي ويا ۽ پاڻ تي شاھدي ڏيندا تہ پاڻ ڪافر ھئا

Choose other languages: