Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #32 Translated in Sindhi

وَإِذَا فَعَلُوا فَاحِشَةً قَالُوا وَجَدْنَا عَلَيْهَا آبَاءَنَا وَاللَّهُ أَمَرَنَا بِهَا ۗ قُلْ إِنَّ اللَّهَ لَا يَأْمُرُ بِالْفَحْشَاءِ ۖ أَتَقُولُونَ عَلَى اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (تڏھن) چون ٿا تہ اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر! کين) چئو تہ بيشڪ الله بي حيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نہ ڪندو آھي، اوھين الله تي اھو (ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نہ ڄاڻندا آھيو؟
قُلْ أَمَرَ رَبِّي بِالْقِسْطِ ۖ وَأَقِيمُوا وُجُوهَكُمْ عِنْدَ كُلِّ مَسْجِدٍ وَادْعُوهُ مُخْلِصِينَ لَهُ الدِّينَ ۚ كَمَا بَدَأَكُمْ تَعُودُونَ
چئو تہ تنھنجي پالڻھار انصاف جو حُڪم ڪيو آھي، ۽ (حُڪم ڪيو اٿس تہ) پنھنجا مُنھن سڀ ڪنھن نماز مھل (الله ڏانھن) سِڌا ڪريو ۽ اُن لاءِ سچا ديندار ٿي سندس عبادت ڪريو، جيئن پھريون اوھان کي پيدا ڪيائين تيئن (اوھين) موٽندؤ
فَرِيقًا هَدَىٰ وَفَرِيقًا حَقَّ عَلَيْهِمُ الضَّلَالَةُ ۗ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيَاطِينَ أَوْلِيَاءَ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَيَحْسَبُونَ أَنَّهُمْ مُهْتَدُونَ
ھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻيءَ ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇو تہ اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن تہ پاڻ ھدايت وارا آھن
يَا بَنِي آدَمَ خُذُوا زِينَتَكُمْ عِنْدَ كُلِّ مَسْجِدٍ وَكُلُوا وَاشْرَبُوا وَلَا تُسْرِفُوا ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُسْرِفِينَ
اي آدم جا اولاد سڀ ڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نہ وڃايو، ڇو تہ الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِينَةَ اللَّهِ الَّتِي أَخْرَجَ لِعِبَادِهِ وَالطَّيِّبَاتِ مِنَ الرِّزْقِ ۚ قُلْ هِيَ لِلَّذِينَ آمَنُوا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا خَالِصَةً يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۗ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ الْآيَاتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر!) چئو تہ الله جي (بڻايل) زينت جيڪا، پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چئو تہ اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄاڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون

Choose other languages: