Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #34 Translated in Sindhi

فَرِيقًا هَدَىٰ وَفَرِيقًا حَقَّ عَلَيْهِمُ الضَّلَالَةُ ۗ إِنَّهُمُ اتَّخَذُوا الشَّيَاطِينَ أَوْلِيَاءَ مِنْ دُونِ اللَّهِ وَيَحْسَبُونَ أَنَّهُمْ مُهْتَدُونَ
ھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻيءَ ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇو تہ اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن تہ پاڻ ھدايت وارا آھن
يَا بَنِي آدَمَ خُذُوا زِينَتَكُمْ عِنْدَ كُلِّ مَسْجِدٍ وَكُلُوا وَاشْرَبُوا وَلَا تُسْرِفُوا ۚ إِنَّهُ لَا يُحِبُّ الْمُسْرِفِينَ
اي آدم جا اولاد سڀ ڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نہ وڃايو، ڇو تہ الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نہ رکندو آھي
قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِينَةَ اللَّهِ الَّتِي أَخْرَجَ لِعِبَادِهِ وَالطَّيِّبَاتِ مِنَ الرِّزْقِ ۚ قُلْ هِيَ لِلَّذِينَ آمَنُوا فِي الْحَيَاةِ الدُّنْيَا خَالِصَةً يَوْمَ الْقِيَامَةِ ۗ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ الْآيَاتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر!) چئو تہ الله جي (بڻايل) زينت جيڪا، پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چئو تہ اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄاڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون
قُلْ إِنَّمَا حَرَّمَ رَبِّيَ الْفَوَاحِشَ مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَمَا بَطَنَ وَالْإِثْمَ وَالْبَغْيَ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَأَنْ تُشْرِكُوا بِاللَّهِ مَا لَمْ يُنَزِّلْ بِهِ سُلْطَانًا وَأَنْ تَقُولُوا عَلَى اللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ
(اي پيغمبر!) چئو تہ منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي ظاھر ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناھ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙيءَ شئي کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حجت نہ لاٿي اٿس ۽ جيڪي نہ ڄاڻندا آھيو سو الله تي چوڻ، اِھي ئي حرام ڪيون آھن
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ ۖ فَإِذَا جَاءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً ۖ وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ
۽ ھر ڪنھن امت جو ھڪ وقت طئي ٿيل آھي، پوءِ جڏھن سندن مدت پھچندي (تڏھن) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اَڳڀرو ويندا

Choose other languages: