Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #148 Translated in Sindhi

قَالَ يَا مُوسَىٰ إِنِّي اصْطَفَيْتُكَ عَلَى النَّاسِ بِرِسَالَاتِي وَبِكَلَامِي فَخُذْ مَا آتَيْتُكَ وَكُنْ مِنَ الشَّاكِرِينَ
(الله) فرمايو تہ اي موسىٰ! مون تو کي پنھنجي پيغمبريءَ ۽ پنھنجي ڳالھائڻ سان ماڻھن کان ڀلارو ڪيو آھي، جيڪو (توريت) تو کي ڏنو اٿم سو وٺ ۽ شڪر ڪندڙن مان ھُج
وَكَتَبْنَا لَهُ فِي الْأَلْوَاحِ مِنْ كُلِّ شَيْءٍ مَوْعِظَةً وَتَفْصِيلًا لِكُلِّ شَيْءٍ فَخُذْهَا بِقُوَّةٍ وَأْمُرْ قَوْمَكَ يَأْخُذُوا بِأَحْسَنِهَا ۚ سَأُرِيكُمْ دَارَ الْفَاسِقِينَ
۽ اُن (موسىٰ) لاءِ سڀڪنھن شئي جي نصيحت واسطي ۽ سڀڪنھن شئي جي ڌارو ڌار بيان واسطي (توريت) تختين ۾ لکي ڏنوسون، ( ۽ چيو ويس) تہ اُن کي پختائيءَ سان وٺ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪر تہ اُن جون چڱيون ڳالھيون (عمل ۾) وٺندا رھن، اوھان کي بدڪارن جي جاءِ سگھو ڏيکاريندس
سَأَصْرِفُ عَنْ آيَاتِيَ الَّذِينَ يَتَكَبَّرُونَ فِي الْأَرْضِ بِغَيْرِ الْحَقِّ وَإِنْ يَرَوْا كُلَّ آيَةٍ لَا يُؤْمِنُوا بِهَا وَإِنْ يَرَوْا سَبِيلَ الرُّشْدِ لَا يَتَّخِذُوهُ سَبِيلًا وَإِنْ يَرَوْا سَبِيلَ الْغَيِّ يَتَّخِذُوهُ سَبِيلًا ۚ ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَكَانُوا عَنْهَا غَافِلِينَ
جيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا رھندا آھن تن کي سگھو پنھنجن آيتن (جي سمجھ) کان جھليندس، ۽ جيڪڏھن سڀ نشانيون ڏسندا تہ (بہ) اُنھن تي ايمان نہ آڻيندا، ۽ جيڪڏھن ھدايت جي واٽ ڏسندا تہ اُن کي واٽ نہ بڻائيندا، ۽ جيڪڏھن گمراھيءَ جي واٽ ڏسندا تہ اُن کي واٽ بڻائيندا، اُھو ھن سببان آھي جو اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ اُنھن کان غافل رھيا ھئا
وَالَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَلِقَاءِ الْآخِرَةِ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ ۚ هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
۽ جن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو تن جا اعمال ناس ٿيا، جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نہ ڏبن
وَاتَّخَذَ قَوْمُ مُوسَىٰ مِنْ بَعْدِهِ مِنْ حُلِيِّهِمْ عِجْلًا جَسَدًا لَهُ خُوَارٌ ۚ أَلَمْ يَرَوْا أَنَّهُ لَا يُكَلِّمُهُمْ وَلَا يَهْدِيهِمْ سَبِيلًا ۘ اتَّخَذُوهُ وَكَانُوا ظَالِمِينَ
۽ موسىٰ جي قوم کانئس پوءِ انھن (قبطين) جي زيورن مان گابي جو بوتو اھڙو ٺاھي ورتو جنھن کي رنڀ ھئي، نہ ٿي ڏٺائون ڇا تہ اُھو ساڻن نہ ڳالھائيندو ھو ۽ نڪي انھن کي ڪا واٽ ڏيکاريندو ھو؟ اُن کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ ظالم ھئا

Choose other languages: