Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #151 Translated in Sindhi

وَالَّذِينَ كَذَّبُوا بِآيَاتِنَا وَلِقَاءِ الْآخِرَةِ حَبِطَتْ أَعْمَالُهُمْ ۚ هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا يَعْمَلُونَ
۽ جن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو تن جا اعمال ناس ٿيا، جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نہ ڏبن
وَاتَّخَذَ قَوْمُ مُوسَىٰ مِنْ بَعْدِهِ مِنْ حُلِيِّهِمْ عِجْلًا جَسَدًا لَهُ خُوَارٌ ۚ أَلَمْ يَرَوْا أَنَّهُ لَا يُكَلِّمُهُمْ وَلَا يَهْدِيهِمْ سَبِيلًا ۘ اتَّخَذُوهُ وَكَانُوا ظَالِمِينَ
۽ موسىٰ جي قوم کانئس پوءِ انھن (قبطين) جي زيورن مان گابي جو بوتو اھڙو ٺاھي ورتو جنھن کي رنڀ ھئي، نہ ٿي ڏٺائون ڇا تہ اُھو ساڻن نہ ڳالھائيندو ھو ۽ نڪي انھن کي ڪا واٽ ڏيکاريندو ھو؟ اُن کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ ظالم ھئا
وَلَمَّا سُقِطَ فِي أَيْدِيهِمْ وَرَأَوْا أَنَّهُمْ قَدْ ضَلُّوا قَالُوا لَئِنْ لَمْ يَرْحَمْنَا رَبُّنَا وَيَغْفِرْ لَنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ الْخَاسِرِينَ
۽ جڏھن پنھنجي ھٿان وين (يعني پشيمان ٿيا) ۽ سمجھيائون تہ اُھي پڪ گمراھ ٿيا (تڏھن) چيائون تہ جيڪڏھن اسان جو پالڻھار اسان تي ٻاجھ نہ ڪندو ۽ اسان کي نہ بخشيندو تہ ضرور ٽوٽي وارن مان ٿينداسون
وَلَمَّا رَجَعَ مُوسَىٰ إِلَىٰ قَوْمِهِ غَضْبَانَ أَسِفًا قَالَ بِئْسَمَا خَلَفْتُمُونِي مِنْ بَعْدِي ۖ أَعَجِلْتُمْ أَمْرَ رَبِّكُمْ ۖ وَأَلْقَى الْأَلْوَاحَ وَأَخَذَ بِرَأْسِ أَخِيهِ يَجُرُّهُ إِلَيْهِ ۚ قَالَ ابْنَ أُمَّ إِنَّ الْقَوْمَ اسْتَضْعَفُونِي وَكَادُوا يَقْتُلُونَنِي فَلَا تُشْمِتْ بِيَ الْأَعْدَاءَ وَلَا تَجْعَلْنِي مَعَ الْقَوْمِ الظَّالِمِينَ
۽ جڏھن موسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڏمريل افسوس ڪندڙ ٿي موٽيو (تڏھن) چيائين تہ جيڪي منھنجي پرپٺ مون کانپوءِ ڪيوَ سو بڇڙو آھي، پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان (اڳ) ڇو تڪڙ ڪيوَ؟ ۽ ڦرھيون اُڇليائين ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن) کان وٺي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو، (ھارون) چيو تہ اي مُنھنجا ڀاءُ! بيشڪ (ھن) قوم مون کي ھيڻو ڀانيو ۽ مُنھنجي مارڻ تي سنبريا تنھنڪري مون تي دشمن نہ کلاءِ ۽ نڪي مون کي ظالم قوم سان گڏ
قَالَ رَبِّ اغْفِرْ لِي وَلِأَخِي وَأَدْخِلْنَا فِي رَحْمَتِكَ ۖ وَأَنْتَ أَرْحَمُ الرَّاحِمِينَ
(موسىٰ) چيو اي منھنجا پالڻھار! مون کي ۽ مُنھنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪر، ۽ تون (سڀني) ٻاجھ وارن کان وڌيڪ ٻاجھارو آھين

Choose other languages: