Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #128 Translated in Sindhi

لَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُمْ مِنْ خِلَافٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُمْ أَجْمَعِينَ
اوھان جا ھٿ ۽ اوھان جا پير اُبتڙ سبتڙ ضرور وڍيندس وري اوھان مڙني کي ضرور سوريءَ چاڙھيندس
قَالُوا إِنَّا إِلَىٰ رَبِّنَا مُنْقَلِبُونَ
چيائون تہ بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن ضرور موٽندڙ آھيون
وَمَا تَنْقِمُ مِنَّا إِلَّا أَنْ آمَنَّا بِآيَاتِ رَبِّنَا لَمَّا جَاءَتْنَا ۚ رَبَّنَا أَفْرِغْ عَلَيْنَا صَبْرًا وَتَوَفَّنَا مُسْلِمِينَ
۽ تون رڳو ھن ڪري اسان سان وير ٿو رکين تہ اسان جي پالڻھار جا حُڪم جڏھن اسان وٽ آيا (تڏھن) اسان مڃيا آھن، اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار
وَقَالَ الْمَلَأُ مِنْ قَوْمِ فِرْعَوْنَ أَتَذَرُ مُوسَىٰ وَقَوْمَهُ لِيُفْسِدُوا فِي الْأَرْضِ وَيَذَرَكَ وَآلِهَتَكَ ۚ قَالَ سَنُقَتِّلُ أَبْنَاءَهُمْ وَنَسْتَحْيِي نِسَاءَهُمْ وَإِنَّا فَوْقَهُمْ قَاهِرُونَ
۽ فرعون جي قوم جي سردارن (کيس) چيو تہ موسىٰ ۽ سندس قوم کي ھن لاءِ ڇڏي ڏئين ٿو ڇا؟ تہ مُلڪ ۾ فساد وجھن ۽ تو کي ۽ تنھنجي معبودن (جي عبادت) کي ڇڏي ڏين؟ چيائين تہ سندن پٽ سگھوئي ڪھنداسون ۽ سندين ڌيئرون ڇڏي ڏينداسون، ۽ اسين سندن مٿان بيشڪ زور وارا آھيون
قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ اسْتَعِينُوا بِاللَّهِ وَاصْبِرُوا ۖ إِنَّ الْأَرْضَ لِلَّهِ يُورِثُهَا مَنْ يَشَاءُ مِنْ عِبَادِهِ ۖ وَالْعَاقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ
موسىٰ پنھنجي قوم کي (دلگير ڏسي) چيو تہ الله کان مدد گھرو ۽ صبر ڪريو، ڇو تہ ساري زمين الله جي آھي، پنھنجن ٻانھن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي اُن جو وارث بڻائيندو آھي، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي

Choose other languages: