Quran Apps in many lanuages:

Surah Al-Araf Ayahs #114 Translated in Sindhi

يُرِيدُ أَنْ يُخْرِجَكُمْ مِنْ أَرْضِكُمْ ۖ فَمَاذَا تَأْمُرُونَ
اوھان کي اوھان جي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏڻ گھري ٿو، تنھنڪري اوھين ڇا ٿا صلاح ڏيو؟
قَالُوا أَرْجِهْ وَأَخَاهُ وَأَرْسِلْ فِي الْمَدَائِنِ حَاشِرِينَ
(فرعون کي) چيائون تہ کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ ۽ ڪوٺيندڙ شھرن ڏانھن موڪل
يَأْتُوكَ بِكُلِّ سَاحِرٍ عَلِيمٍ
تہ تو وٽ سڀئي ڄاڻو جادوگر آڻين
وَجَاءَ السَّحَرَةُ فِرْعَوْنَ قَالُوا إِنَّ لَنَا لَأَجْرًا إِنْ كُنَّا نَحْنُ الْغَالِبِينَ
۽ فرعون وٽ جادوگر آيا چوڻ لڳا تہ جيڪڏھن اسين غالب ٿيون تہ اسان لاءِ ضرور (ڪو) انعام (ھئڻ) گھرجي
قَالَ نَعَمْ وَإِنَّكُمْ لَمِنَ الْمُقَرَّبِينَ
فرعون چيو تہ ھائو (انعام بہ ڏبو) ۽ بيشڪ مرتبي وارن مان (بہ) ٿيندؤ

Choose other languages: