Quran Apps in many lanuages:

Surah Yunus Ayahs #4 Translated in Sindhi

الر ۚ تِلْكَ آيَاتُ الْكِتَابِ الْحَكِيمِ
الٓرٰ، ھي آيتون حڪمت واري ڪتاب جون آھن
أَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا أَنْ أَوْحَيْنَا إِلَىٰ رَجُلٍ مِنْهُمْ أَنْ أَنْذِرِ النَّاسَ وَبَشِّرِ الَّذِينَ آمَنُوا أَنَّ لَهُمْ قَدَمَ صِدْقٍ عِنْدَ رَبِّهِمْ ۗ قَالَ الْكَافِرُونَ إِنَّ هَٰذَا لَسَاحِرٌ مُبِينٌ
ماڻھن کي (ھيءَ ڳالھ) عجب ۾ وجھندي آھي جو منجھانئن ھڪ مڙس ڏانھن وحي موڪليوسون تہ ماڻھن کي ڊيڄار ۽ جن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي تہ انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ وڏومرتبو آھي، ڪافرن چيو تہ ھيءُ پڌرو جادوگر آھي
إِنَّ رَبَّكُمُ اللَّهُ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ فِي سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ اسْتَوَىٰ عَلَى الْعَرْشِ ۖ يُدَبِّرُ الْأَمْرَ ۖ مَا مِنْ شَفِيعٍ إِلَّا مِنْ بَعْدِ إِذْنِهِ ۚ ذَٰلِكُمُ اللَّهُ رَبُّكُمْ فَاعْبُدُوهُ ۚ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
بيشڪ اوھان جو پالڻھار اُھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو (۽) وري عرش ڏانھن توجّہ ڪيائين (اُھوئي) ڪمن کي رٿيندو آھي، ڪوئي سفارش ڪندڙ نہ آھي پر سندس اجازت کانپوءِ، اھوئي اوھان جو پالڻھار الله آھي تنھنڪري سندس عبادت ڪريو، پوءِ ڇو نہ نصيحت وٺندا آھيو؟
إِلَيْهِ مَرْجِعُكُمْ جَمِيعًا ۖ وَعْدَ اللَّهِ حَقًّا ۚ إِنَّهُ يَبْدَأُ الْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُ لِيَجْزِيَ الَّذِينَ آمَنُوا وَعَمِلُوا الصَّالِحَاتِ بِالْقِسْطِ ۚ وَالَّذِينَ كَفَرُوا لَهُمْ شَرَابٌ مِنْ حَمِيمٍ وَعَذَابٌ أَلِيمٌ بِمَا كَانُوا يَكْفُرُونَ
اوھان مڙني جو ڏانھس موٽڻ آھي، الله جو انجام سچو آھي، اُھوئي خلق کي پھريون (بہ) بڻائيندو آھي وري (بہ) کين ھن لاءِ موٽائي بڻائيندو تہ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي انصاف سان بدلو ڏئي، ۽ جن نہ مڃيو تن لاءِ ٽھڪندڙ پاڻي ۽ ڏکوئيندڙ عذاب اِنھيءَ ڪري آھي جو ڪُفر ڪيو ھئائون

Choose other languages: