Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #67 Translated in Sindhi

هَٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي كُنْتُمْ تُوعَدُونَ
ھيءُ اُھو دوزخ آھي، (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو
اصْلَوْهَا الْيَوْمَ بِمَا كُنْتُمْ تَكْفُرُونَ
اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھيؤ
الْيَوْمَ نَخْتِمُ عَلَىٰ أَفْوَاهِهِمْ وَتُكَلِّمُنَا أَيْدِيهِمْ وَتَشْهَدُ أَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھئا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا
وَلَوْ نَشَاءُ لَطَمَسْنَا عَلَىٰ أَعْيُنِهِمْ فَاسْتَبَقُوا الصِّرَاطَ فَأَنَّىٰ يُبْصِرُونَ
۽ جيڪڏھن گھرون تہ سندين اکين کي ناس ڪريون، پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن تہ ڪٿان ڏسندا؟
وَلَوْ نَشَاءُ لَمَسَخْنَاهُمْ عَلَىٰ مَكَانَتِهِمْ فَمَا اسْتَطَاعُوا مُضِيًّا وَلَا يَرْجِعُونَ
۽ جيڪڏھن گھرون تہ سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون تہ پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوئتي موٽن

Choose other languages: