Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #66 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ أَضَلَّ مِنْكُمْ جِبِلًّا كَثِيرًا ۖ أَفَلَمْ تَكُونُوا تَعْقِلُونَ
۽ بيشڪ (شيطان) اوھان مان گھڻيءَ خلق کي گمراھ ڪيو، پوءِ اوھين نہ سمجھندا ھيؤ ڇا؟
هَٰذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي كُنْتُمْ تُوعَدُونَ
ھيءُ اُھو دوزخ آھي، (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو
اصْلَوْهَا الْيَوْمَ بِمَا كُنْتُمْ تَكْفُرُونَ
اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھيؤ
الْيَوْمَ نَخْتِمُ عَلَىٰ أَفْوَاهِهِمْ وَتُكَلِّمُنَا أَيْدِيهِمْ وَتَشْهَدُ أَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ
اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھئا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا
وَلَوْ نَشَاءُ لَطَمَسْنَا عَلَىٰ أَعْيُنِهِمْ فَاسْتَبَقُوا الصِّرَاطَ فَأَنَّىٰ يُبْصِرُونَ
۽ جيڪڏھن گھرون تہ سندين اکين کي ناس ڪريون، پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن تہ ڪٿان ڏسندا؟

Choose other languages: