Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #70 Translated in Sindhi

وَلَوْ نَشَاءُ لَطَمَسْنَا عَلَىٰ أَعْيُنِهِمْ فَاسْتَبَقُوا الصِّرَاطَ فَأَنَّىٰ يُبْصِرُونَ
۽ جيڪڏھن گھرون تہ سندين اکين کي ناس ڪريون، پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن تہ ڪٿان ڏسندا؟
وَلَوْ نَشَاءُ لَمَسَخْنَاهُمْ عَلَىٰ مَكَانَتِهِمْ فَمَا اسْتَطَاعُوا مُضِيًّا وَلَا يَرْجِعُونَ
۽ جيڪڏھن گھرون تہ سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون تہ پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوئتي موٽن
وَمَنْ نُعَمِّرْهُ نُنَكِّسْهُ فِي الْخَلْقِ ۖ أَفَلَا يَعْقِلُونَ
۽ جنھن کي وڏي ڄمار وارو ڪندا آھيون، تنھن کي بڻاوت ۾ اُبتو ڪندا آھيون (ايتري ڳالھ بہ) نہ سمجھندا آھن ڇا؟
وَمَا عَلَّمْنَاهُ الشِّعْرَ وَمَا يَنْبَغِي لَهُ ۚ إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ وَقُرْآنٌ مُبِينٌ
۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي، ھيءُ تہ رڳو نصيحت ۽ پڌرو قرآن ئي آھي
لِيُنْذِرَ مَنْ كَانَ حَيًّا وَيَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَى الْكَافِرِينَ
تہ اُنھيءَ کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي

Choose other languages: