Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #39 Translated in Sindhi

لِيَأْكُلُوا مِنْ ثَمَرِهِ وَمَا عَمِلَتْهُ أَيْدِيهِمْ ۖ أَفَلَا يَشْكُرُونَ
(ھن لاءِ) تہ سندن ميوي مان کائيندا رھن ۽ اُنھن (ميون) کي سندن ھٿن نہ بڻايو آھي، پوءِ ڇو نہ شُڪرانو ڪندا آھن؟
سُبْحَانَ الَّذِي خَلَقَ الْأَزْوَاجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنْبِتُ الْأَرْضُ وَمِنْ أَنْفُسِهِمْ وَمِمَّا لَا يَعْلَمُونَ
اُھو (الله)، پاڪ آھي، جنھن اُھا شئي جيڪا زمين ڄمائيندي آھي سا ۽ سندن جيئن مان ۽ جيڪي (شيون) نہ ڄاڻندا آھن، تن مان سڀني جنسن کي جوڙو جوڙو (ڪَڙو ۽ مِٺو، نَر ۽ مادي) پيدا ڪيو
وَآيَةٌ لَهُمُ اللَّيْلُ نَسْلَخُ مِنْهُ النَّهَارَ فَإِذَا هُمْ مُظْلِمُونَ
۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني رات آھي، (جو) اُن مان ڏينھن کي ڇڪي ڪڍندا آھيون، پوءِ اُنھي مھل اُھي اونداھي ۾ رھندا آھن
وَالشَّمْسُ تَجْرِي لِمُسْتَقَرٍّ لَهَا ۚ ذَٰلِكَ تَقْدِيرُ الْعَزِيزِ الْعَلِيمِ
۽ سج پنھنجي ٽڪاءَ جي جاءِ تي پيو ھلندو آھي، اِھو غالب (الله) جو اندازو (ٺھرايل) آھي
وَالْقَمَرَ قَدَّرْنَاهُ مَنَازِلَ حَتَّىٰ عَادَ كَالْعُرْجُونِ الْقَدِيمِ
۽ چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون سون تان جو پراڻي کجيءَ جي (سڪل) ڇڙھيءَ وانگر وري (ڏنگو) ٿيندو آھي

Choose other languages: