Quran Apps in many lanuages:

Surah Ya-Seen Ayahs #15 Translated in Sindhi

إِنَّمَا تُنْذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْمَٰنَ بِالْغَيْبِ ۖ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَأَجْرٍ كَرِيمٍ
تون رڳو اُن کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي ھلي ۽ ٻاجھاري (الله) کان پرپُٺ ڊڄي، تہ پوءِ اُن کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي خوشخبري ڏي
إِنَّا نَحْنُ نُحْيِي الْمَوْتَىٰ وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوا وَآثَارَهُمْ ۚ وَكُلَّ شَيْءٍ أَحْصَيْنَاهُ فِي إِمَامٍ مُبِينٍ
بيشڪ اسين مُئن کي جياريندا آھيون ۽ جيڪي (مَدا توڻي چڱا ڪم ڪري) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن پيرن جا نشان لکون ٿا، ۽ ھر شئي کي پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻيو اٿون
وَاضْرِبْ لَهُمْ مَثَلًا أَصْحَابَ الْقَرْيَةِ إِذْ جَاءَهَا الْمُرْسَلُونَ
۽ اُنھن سان ڳوٺ (انطاڪيہ) وارن جو قصّو بيان ڪر، جڏھن وٽن پيغمبر آيا
إِذْ أَرْسَلْنَا إِلَيْهِمُ اثْنَيْنِ فَكَذَّبُوهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُوا إِنَّا إِلَيْكُمْ مُرْسَلُونَ
جڏھن جو اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون، پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون، تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون، پوءِ (گڏجي) چيائون تہ، بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون
قَالُوا مَا أَنْتُمْ إِلَّا بَشَرٌ مِثْلُنَا وَمَا أَنْزَلَ الرَّحْمَٰنُ مِنْ شَيْءٍ إِنْ أَنْتُمْ إِلَّا تَكْذِبُونَ
چيائون تہ اوھين تہ رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شئي نہ لاٿي آھي، اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو

Choose other languages: