Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #60 Translated in Sindhi

وَلَقَدْ أَرَيْنَاهُ آيَاتِنَا كُلَّهَا فَكَذَّبَ وَأَبَىٰ
۽ بيشڪ اُن (فرعون) کي سڀئي نشانيون ڏيکاريون سون پوءِ ڪوڙ ڀانيائين ۽ انڪار ڪيائين
قَالَ أَجِئْتَنَا لِتُخْرِجَنَا مِنْ أَرْضِنَا بِسِحْرِكَ يَا مُوسَىٰ
(فرعون) چيو تہ اي موسىٰ! اسان وٽ ھِن لاءِ آيو آھين ڇا تہ پنھنجي جادوءَ سان اسان جي مُلڪ مان اسان کي لوڌين؟
فَلَنَأْتِيَنَّكَ بِسِحْرٍ مِثْلِهِ فَاجْعَلْ بَيْنَنَا وَبَيْنَكَ مَوْعِدًا لَا نُخْلِفُهُ نَحْنُ وَلَا أَنْتَ مَكَانًا سُوًى
پوءِ اسان بہ اھڙوئي جادو تو وٽ ضرور آڻينداسون (جھڙو تون اسان کي ڏيکارين ٿو) تنھنڪري اسانجي ۽ پنھنجي وچ ۾ اھڙو انجام (جو وقت) ڪنھن صاف پڌر ۾ مقرر ڪر جو ان کان نڪي تون ۽ نڪي اسين پٺتي ٿيون
قَالَ مَوْعِدُكُمْ يَوْمُ الزِّينَةِ وَأَنْ يُحْشَرَ النَّاسُ ضُحًى
چيائين تہ اوھان جي اَنجام جو وقت جشن جو ڏينھن آھي ۽ ماڻھو ڏينھن چڙھي گڏ ٿين
فَتَوَلَّىٰ فِرْعَوْنُ فَجَمَعَ كَيْدَهُ ثُمَّ أَتَىٰ
پوءِ فرعون (گھر ڏانھن) موٽيو ۽ پنھنجا ڦند گڏ ڪيائين وري آيو

Choose other languages: