Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #106 Translated in Sindhi

يَوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّورِ ۚ وَنَحْشُرُ الْمُجْرِمِينَ يَوْمَئِذٍ زُرْقًا
جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪيو ويندو ۽ اُن ڏينھن ڏوھارين کي جھرو ڪري اُٿارينداسون
يَتَخَافَتُونَ بَيْنَهُمْ إِنْ لَبِثْتُمْ إِلَّا عَشْرًا
(تنھن ڏينھن) پاڻ ۾ سُس پُس ڪندا تہ اوھين (دُنيا ۾) رڳو ڏھاڪو ڏينھن رھيؤ
نَحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَقُولُونَ إِذْ يَقُولُ أَمْثَلُهُمْ طَرِيقَةً إِنْ لَبِثْتُمْ إِلَّا يَوْمًا
جيڪي چوندا سو اسين چڱو ڄاڻندڙ آھيون اُن مھل منجھانئن صحيح طريقي وارو چوندو تہ ھڪ ڏينھن کانسواءِ نہ رھيا آھيو
وَيَسْأَلُونَكَ عَنِ الْجِبَالِ فَقُلْ يَنْسِفُهَا رَبِّي نَسْفًا
۽ (اي پيغمبر!) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چئو تہ منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کِنڊائيندو
فَيَذَرُهَا قَاعًا صَفْصَفًا
پوءِ اُن (ھنڌ) کي صاف ميدان ڪري ڇڏيندو

Choose other languages: