Quran Apps in many lanuages:

Surah Ta-Ha Ayahs #109 Translated in Sindhi

وَيَسْأَلُونَكَ عَنِ الْجِبَالِ فَقُلْ يَنْسِفُهَا رَبِّي نَسْفًا
۽ (اي پيغمبر!) جبلن بابت توکان پُڇن ٿا چئو تہ منھنجو پالڻھار اُنھن کي اُڏائي کِنڊائيندو
فَيَذَرُهَا قَاعًا صَفْصَفًا
پوءِ اُن (ھنڌ) کي صاف ميدان ڪري ڇڏيندو
لَا تَرَىٰ فِيهَا عِوَجًا وَلَا أَمْتًا
منجھس نڪي ھيٺاھين ۽ نڪي مٿاھين ڏسندين
يَوْمَئِذٍ يَتَّبِعُونَ الدَّاعِيَ لَا عِوَجَ لَهُ ۖ وَخَشَعَتِ الْأَصْوَاتُ لِلرَّحْمَٰنِ فَلَا تَسْمَعُ إِلَّا هَمْسًا
اُن ڏينھن سڏيندڙ جي پوئتان لڳندا جنھن کي ڪا ڏنگائي نہ ھوندي، ۽ سڀ آواز الله لاءِ جھڪا ٿيندا پوءِ ڀُڻڪ کانسواءِ ڪُجھ نہ ٻڌندين
يَوْمَئِذٍ لَا تَنْفَعُ الشَّفَاعَةُ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ الرَّحْمَٰنُ وَرَضِيَ لَهُ قَوْلًا
جنھن کي الله موڪل ڏني ۽ اُن جي چوڻ کان راضي ٿيو تنھن کانسواءِ اُن ڏينھن ڪا سفارش فائدو نہ ڏيندي

Choose other languages: