Quran Apps in many lanuages:

Surah Sad Ayahs #12 Translated in Sindhi

أَأُنْزِلَ عَلَيْهِ الذِّكْرُ مِنْ بَيْنِنَا ۚ بَلْ هُمْ فِي شَكٍّ مِنْ ذِكْرِي ۖ بَلْ لَمَّا يَذُوقُوا عَذَابِ
اسان مڙني جي وچان مٿس ئي قرآن نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھي (ڪافر) منھنجيءَ نصيحت کان شڪ ۾ (پيل) آھن (نہ!) بلڪ اڃان منھنجو عذاب نہ چکيو اٿن
أَمْ عِنْدَهُمْ خَزَائِنُ رَحْمَةِ رَبِّكَ الْعَزِيزِ الْوَهَّابِ
تنھنجي پالڻھار غالب بخشڻھار جي ٻاجھ جا (ڪي) خزانا وٽن آھن ڇا؟
أَمْ لَهُمْ مُلْكُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ۖ فَلْيَرْتَقُوا فِي الْأَسْبَابِ
آسمانن ۽ زمين جي ۽ جيڪي اِنھن (ٻنھي) جي وچ ۾ آھي، تنھن جي بادشاھي اُنھن جي آھي ڇا؟ (جي ايئن آھي) تہ جڳائي تہ رسين سان (لڙڪي) مٿي چڙھن
جُنْدٌ مَا هُنَالِكَ مَهْزُومٌ مِنَ الْأَحْزَابِ
شڪست کاڌل ٽولين مان ھيءُ (ڪافر) ھتي ھڪ (گڏ ٿيل) لشڪر آھي
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَعَادٌ وَفِرْعَوْنُ ذُو الْأَوْتَادِ
اِنھن کان اڳ نوح جي قوم ۽ عاد ۽ ميخن واري فرعون (نبين کي) ڪوڙو ڄاتو

Choose other languages: